ڏهرڪي (ڌيان طلب)  مڙس غير مردن کي گهر ۾ وٺي اچي بدپيشو ڪرائيندو هو. ڏهرڪي ۾ 3 مهينا اڳ شادي ٿيل ناري آسيا گرگيج کي کي بيهوشي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ناري جي والده سڪينا گرگيج ٻڌايو ته ارشد شر سان سندس ڌيءُ جي شادي ڪرائي هئي، جيڪو کيس تشدد جو نشانو بڻائيندي هو ۽ ڌيءُ شڪايت ڪندي هئي ته مڙس گهر ۾ غير مردن کي وٺي ايندو آهي. عورت ٻڌايو ته ڌيءُ کي سندس مڙس نشو ڏئي بدپيشو ڪرائيندو هو ۽ خاموش رهڻ لاءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائيندو هو.
اسپتال ۾ هوش اچڻ بعد ناري ٻڌايو ته بدپيشي کان انڪار ڪرڻ تي مڙس نشو ڏيندو هو، هو ساڻس گڏ نٿي رهي سگهي ۽ طلاق وٺڻ گهري ٿي. کينجهو ٿاني جي پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي شروعاتي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي، جاچ کانپوءِ وڌي ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.