ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جي ٽوئيٽ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ڌيان طلب) ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جي ٽوئيٽ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، ناڻي واي وزارت جي ترجمان حامد رضا خان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي هلندڙ تيل جا اگهه درست ناهن، ناڻي واري وزارت تيل جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو نوٽيفڪيشن اڄ ڇنڇر ڏينهن جاري ڪندي، وزيراعظم تيل اگهن ۾ ڦيرڦار جي سمري منظوري ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ذريعي تيل اگهن جي لسٽ جاري جاري ڪئي هئي، جنهن تحت پيٽرول جي في لٽر اگهن ۾ 4 رپيا 59 پيسا لاٿ ڪئي وئي، پيٽرول جو نئون اگهه 113 رپيا 24 پيسا مقرر ڪيو ويو. لائيٽ ڊيزل 5 رپيا 63 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 7 رپيا 67 پيسا لاٿ ڪئي وئي، جڏهن ته گاسليٽ 4 رپيا 27 پيسا سستو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت انهن قيمتن کي غلط قرار ڏنو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.