ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سنڌ ٽي وي جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هڻي مورننگ شو جي ميزبان ارشاد جاگيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

شروعاتي ڄاڻ موجب ايف آءِ اي جي ٽيم ڪراچي ۾ سنڌ ٽي وي جي هيڊ آفيس تي چڙهائي ڪري مورننگ شو جي ميزبان ارشاد جاگيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي عملدارن ارشاد جاگيراڻي کي گرفتار ڪرڻ جا سبب نه ٻڌايا، ايف آءِ اي جي ڪارروائي کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافتي تنظين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

Leave A Reply

Your email address will not be published.