عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڪنڊي اسٽاپ جي رھواسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ شريمتي گلي ڪولھڻ پنھنجي مڙس اجيت ڪولھي جي ظلمن کان تنگ ٿي طلاق وٺڻ لاءِ فيملي ڪورٽ پھتي، درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، شريمتي گلي ڪولھڻ ڪورٽ جي احاطي ۾ ڳالهائيندي چيو ته منھنجو مڙس اجيت ڪولھي موالي آھي، رات جو غير مردن کي گھر وٺي اچي مون کي انھن جي اڳيان پيش ڪندو ھو، منھنجي انڪار ڪرڻ تي چار چار ڏينهن مون کي ماني نه ڏيندو ھو، اھڙي مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پھتي آھيان، گذريل رات چار سالن جي منھنجي پٽ راجو ڪولھي کي به پاڻ سان گڏ زوري زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو آھي. مڙس کان طلاق ڏياري پٽ واپس ڏياريو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.