حيدرآباد : نائين ڪلاس جو شاگرد نوجوان سجاد ٻٻر گم، امڙ پريشان

حيدرآباد :نائين ڪلاس جو شاگرد نوجوان سجاد ٻٻر گم، امڙ پريشان

حيدرآباد جي صدر واري علائقي مان نينگر پراسرار نموني گم، امڙ واٽون نهاريندي رهي ٿي. موبائيل مارڪيٽ مان 14 ورهين جو نينگر سجاد ٻٻر مبينا طور گم ٿي ويو. سندس امڙ ڊاڪٽر نسيم مڪي شاهه ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس نينگر کي اڃا تائين ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. گم ٿيل سجاد ولد اعجاز ٻٻر پنهنجي ماءُ سان گڏ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پلازه فيز ٽو ۾ رهندو آهي ۽ بحريا فائونڊيشن اسڪول ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد آهي. سندس امڙ موجب سجاد موبائيل فون وڪرو ڪري آيو هو، جنهن تي هن کيس موبائيل واپس وٺي اچڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ هو گم آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.