ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ فائرنگ سبب عورت قتل خبر موجب ڪشمور ويجھو ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ جوابدار ديدار سولنگي طلاق يافته زال مسمات رضيا سولنگي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو عورت کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار وارثن موجب جوابدار ڪجھ سال اڳ ٻي شادي ڪئي ۽ پهرين گهرواري کي ڇڏي ڏنو جيڪا پنهنجي وارثن جي گهر ۾ رهيل هئي جوابدار لڳاتار عورت کي مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو رهيو اڄ جوابدار ديدار سولنگي بندو رائفل جا سڌا فائر ڪري مسمات رضيا سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي فوتي جي لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ سيول اسپتال ڪشمور آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

Leave A Reply

Your email address will not be published.