پاڪستان دنيا ۾ فري لانس مارڪيٽ ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ چوٿون ملڪ بڻجي ويو.

آمريڪي رسالي فوربز ۾ شايع گلوبل پيمنٽ پليٽفارم جي پايونير گلوبل گگ اڪانموي فهرست موجب پاڪستان فري لانس مارڪيٽ ۾ ڀارت، بنگلاديش ۽ روس جي مقابلي ۾ اڳتي آهي.

رپورت موجب فري لانس مارڪيٽ ۾ پاڪستان گذريل سال جي ٻئين ڇهه ماهر جي مقابلي ۾ هلندڙ سال 47 سيڪڙو ترقي ڪئي آهي. شايع ٿيندڙ فهرست جي تحقيق 3 لک کان وڌيڪ فري لانسز جي رڪارٽ تي ٻڌل هئي جيڪا پايونير نيٽورڪ سان سلهاڙيل آهي.

رپورٽ موجب پوري دنيا مان فري لانس مارڪيٽ ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا 78 سيڪڙو ترقي سان سڀ کان اڳتي آهي جڏهن ته برطانيه 59 سيڪڙو سان ٻئين، برازيل 48 سيڪڙو سان ٽئين ۽ پاڪستان 47 سيڪڙو سان چوٿين نمبر تي آهي.

ان کان علاوه يوڪرين 36 سيڪڙو سان پنجين، ڀارت 29 سيڪڙو سان ڇهين، بنگلاديش 27 سيڪڙو سان ستين، روس 20 سيڪڙو سان اٺين ۽ سربيا 19 سيڪڙو سان آخري نمبر تي آهي. رپورٽ موجب تحقيق مان خبر پئي ته معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪيترائي فري لانسرز اهي آهن جيڪي پنهنجي ڪيريئر کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.