عمرڪوٽ(رپورٽ: ڌيان طلب) سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ٽيچرس ايڪشن ڪميٽي ضلع عمرڪوٽ جو احتجاج مرڪزي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مرڪز جي چئيرمين امير بخش پنهور ۽  پ ٽ الف اڳواڻ لطيف ڪوري, چندن,علي اڪبر گجو,سنڌ يونيورسٽي ايڪشن ڪميٽي ضلعي عمرڪوٽ جا اڳواڻ شاهنواز دل, مقبول احمد، زاهد ڪپري، آصف آرائين، ڪمال خان ڀرڳڙي، نواز عبدالرئوف سميجو ۽ ٻين تعلقن, يوسي جي سوين استادن پرزور احتجاج ڪيو ۽ سخت نعري بازي ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي فوري طور ريگيولر ڪيو وڃي. ان موقعي تي امير بخش پنھور ڳالهائيندي چيو ته اسان  2010 ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪري سڄي سنڌ ۾ استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا 2012 ۽ 2018 ۾ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪيا ويا پر صرف ڪراچي جا استاد ريگيولر ڪيا ويا سنڌ جا 23 ضلعن جا استاد ريگيولر نه ڪيا ويا اسان گذريل 2 سالن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر تعليم کاتي پاران مختلف اسڪروٽني ڪاميٽيون جوڙيون وڃن پر ريگيولرائزيشن جو عمل مڪمل نه ٿو ڪيو وڃي جنهن لاءِ اڄ سموري سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استاد سراپا احتجاج آهن ۽ اسان جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته 16 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو ۽ وزير اعلي هائوس اڳيان ڌرڻو ڏنو ويندو سموري سنڌ جي سڀني ضلعن جي نوٽيفڪيشن ملڻ تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رهندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.