مٺي(رپورٽ:ڌيان طلب ) جنم اشٽمي جي ٻي ڏھاڙي ٿرپارڪر جي مشھور پڪنڪ پوائنٽ راڻاسر ترائي تي وڏي رش لڳل رهي ٿرپارڪر جي مختلف شھرن مان وڏي تعداد ۾ قافلا پهتا،ڪرشن (ڪانهوڙو) کي پاڻي حوالي ڪيو ويو،ٽائون ڪاميٽي پاران ترائي تي آيلن لاءِ زبردست انتظام ڪيا ويا تفصيل موجب ھندو برادري پاران ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن جي ٻي ڏھاڙي تي ڪرشن جنهن کي ڪانهوڙو چيو ويندو آھي انهي جي ٺھيل مورتي کي پاڻي حوالي ڪيو ويندو آھي جنهن جي ڪري مختلف شھرن مان وڏي تعداد ۾ قافلا ٽوڀن ۽ تراين تي ويندا آھن ڪالهه به ٿر جي مختلف شھرن مان وڏي تعداد ۾ قافلا ٿر جي مشھور ترائي راڻاسر تي پهتا جتي سڄو ڏينهن تمام گهڻي رش لڳل رهي انهي حوالي سان پهريون دفعو ٽائون ڪاميٽي چيلهار پاران ترسئي تي ايندڙ ماڻھن لاءِ زبردست انتظام ڪيا ويا وڏي تعداد ۾ شامياني سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.