آمريڪا ۾ هڪ عورت ان وقت ڊڄي وئي جڏهن هن درياهه ۾ شڪار دوران 2 منهن واري مڇي پڪڙي ورتي.
نيويارڪ سان تعلق رکندڙ ڊيبي گيڊز نالي عورت پنهنجي مڙس سان گڏ درياهه ڪمپلين ۾ شڪار ڪري رهي هئي تڏهن هن اها مڇي پڪڙي.
هن ان مڇي کي ٻيهر درياهه ۾ ڇڏي ڏنو پر ان جون تصويرون ڪڍڻ نه وساريو جن کي هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
سوشل ميڊيا تي اهي تصويرون هزارين ڀيرا شيئر ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو ڪمينٽس ۾ ان کي ناقابل يقين قرار ڏنو آهي ۽ ڪجهه قدرت جو ڪرشمو چيو.