يو اي ئي (ڌيان طلب) دنيا ۾ پهريون دفعو مڙس طرفان گهڻو پيار ڪرڻ ۽ چوڻ کانسواءِ ئي هر ڪم ڪار ڪرڻ مان عورت تنگ اچي وئي هجي. عرب اخبار “خليج ٽائمز” موجب شارجه جي هڪ عورت عدالت ۾ مڙس کان طلاق ڏيارڻ جو ڪيس داخل ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس مڙس ساڻس ڪڏهن به ڪنهن طرح جي سختي ناهي ڪئي ۽ هو ساڻس حد کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو. عورت اعتراف ڪيو ته سندس مڙس هدايت کانسواءِ ئي گهر جي صفائي توڙي کاڌو به پچائي ٿو. عورت جو چوڻ هو ته هو موقعو ئي ناهي ڏيندو ۽ هر ڪم پاڻ ڪري وٺندو آهي. عورت پنهنجي مڙس جي ايتري وڌيڪ محبت ۽ احترام ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ عذاب قرار ڏئي ڇڏيو. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو اهي ته هو شادي کانپوءِ هيل تائين مڙس سان ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو يا بحث ڪرڻ لاءِ سڪي رهي اهي. عورت چيو ته مڙس جي محبت زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي هو ساڻس گڏ رهڻ نٿي چاهي. رپورٽ موجب عورت طرفان طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ مڙس عدالت ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ چيو ته سندس خواهش رهي آهي ته هو هڪ اطاعت گذار مڙس رهي. عورت جي مڙس عدالت ۾ چيو ته ڪيترائي دوست ۽ مٽ مائٽ اها صلاح ڏيندا آهن ته زال سان ڪاوڙ ڪريان پر ائين نٿو چاهيان. رپورٽ موجب عدالت عورت جي درخواست رد ڪندي ٻنهي کي گڏيل رضامندي سان ڪو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.