سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڏائي ڇڏيو

 سپريم ڪورٽ پاران سنڏ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرارڏنو

لاڙڪاڻي جي تڪ پي ايس 11 تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ پي ايس 11 لاڙڪاڻو تي جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم عباسي جي ڪاميابي واري نوٽيفڪيشن کي ڊي نوٽيفاء ڪري تڪ تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي ڌيءَ ندا کهوڙو جي درخواست منظور ڪندي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو آهي.هوڏانهن معظم علي عباسي ڌيان طلب سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالت منهنجي ڪاميابي کي ڊي نوٽيفاء ڪيو آهي، باقي تاحيات نااهل واري ڳالھ مخالفن ڦهلائي آهي، مان ٻيهر چونڊن ۾ بيهندس.

سپريم ڪورٽ طرفان آيل فيصلي کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز جي اڳواڻ معظم علي عباسي لاڙڪاڻي واري تڪ پي ايس 11 تي ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻو نيوز سان ڳالهائيندي معظم علي عباسي چيو آهي ته گڏ چيو آهي ته عدالت جو جيڪو فيصلو آيو ان کي مڃڻو آهي پر مان ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺندس، ڇو ته لاڙڪاڻي شهر جو عوام مون سان گڏ آهي، پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي واسين سان زيادتي ڪندي رهي آهي ۽ عوام پ پ خلاف آهي، اڄ به عوام مون سان گڏ آهي.باقي تاحيات نااهلي واري ڳالھ غلط آهي ۽ اها مخالف ڦهلائي رهيا آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.