ڏهرڪي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو

ڏهرڪي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو: ڪارنهن تڪرار تان ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ پيرسن جي منهن تي ڪارو تيل هاري تذليل جو نشانو بڻائي منهن تي ڪارنهن ملي ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار زخمي. ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ لاڙڪ برادري ۾ 5 سالن کان هلندڙ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڪارنهن الزام هيٺ آيل عنايت الله لاڙڪ جي پيرسن والد شير محمد لاڙڪ مٿان ڳوٺ ٻاهران منهن تي ڪارو تيل هڻي انسانيت سوز تذليل جو نشانو بڻايو ويو، پيرسن کي مٿي ۾ ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار زخمي ڪيو ويو، چاچي کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل ڀائٽي امان الله لاڙڪ کي ڪهاڙيون ۽ ڇريون هڻي زخمي ڪيو ويو. تذليل جو نشانو بڻيل زخمي شير محمد لاڙڪ ڏهرڪي اسپتال ۾ ٻڌايو ته مان ڳوٺ کان شهر طرف اچي رهيو هيس ته گل حسن لاڙڪ، غفور لاڙڪ، نواب لاڙڪ امداد لاڙڪ ۽ قربان لاڙڪ روڪي منهنجي منهن تي ڪارو تيل هاريو، مان دانهون ڪيون ته هنن منهنجي مٿان ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪيو، ڀائٽي امان الله کي ڪهاڙيون ۽ ڇريون هڻي زخمي ڪيو ويو، هن چيو ته پنج سال اڳ منهنجي ڀاءُ علي شير لاڙڪ جي ڌيءَ سلطانه عرف جمالان لاڙڪ جي شادي گل حسن لاڙڪ سان ٿي هئي ، گل حسن پنهنجي زال مٿان پنهنجي ڀاءُ نورحسن سان الزام ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. اسان جمالان جي خلع لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته گل حسن وارن منهنجي پٽ عنايت الله تي ڪارنهن الزام ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته مونسان ظلم ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي، ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.