ڪراچي ۾ ننڍي ڀيڻ کي بچائيندي وڏي ڀيڻ به نالي ۾ ٻُڏي حياتي وڃائي ويٺي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ننڍي ڀيڻ کي بچائيندي وڏي ڀيڻ به نالي ۾ ٻُڏي حياتي وڃائي ويٺي.

ڄاڻايل واقعو شاهه لطيف ٽائون واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي 14 ورهين جي سلميٰ ۽ 9 ورهين جي عاصمه نالي ۾ ٻُڏي فوت ٿي ويون.

پوليس موجب ٻئي ڀنيرون ماءُ سان گڏ ندي ۾ ڪپڙا ڌوئڻ ويون هيون، ان دوران 9 ورهين جي عاصمه جو پير تِرڪي پيو ۽ ڀيڻ کي بچائيندي 14 ورهين جي سلميٰ به نالي ۾ ٽپو ڏنو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀينرن مان مڙهه نالي مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.