ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پاڻي مھانگو با اثر ڌر پاران ڀتو مقرر

ڪوٽڙي(رپورٽ ڌيان طلب)ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پاڻي مھانگو با اثر ڌر پاران ڀتو مقرر
تفصيل موجب ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ قدرتي نه پر غير ذميوار ميونسپل ٻولھاڙي انتظاميا پاران ھٿرادو ڪئي وئي آهي سائيٽ ڪوٽڙي جو عوام لاوارث بڻيل پاڻيء لاء ھلندڙ تحريڪون به چپ جو روزو رکي ويھي رھيون انتظاميا جي من ماني في واٽر ٽينڪر تي 200 روپيا ناجائز ڀتو مقرر ڊي سي ڄامشورو با اثر چيئرمين ٻولھاڙي اڳيان بي ويس بڻيل آھي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪجھ ٽائيم پھريان ڊي سي ڄامشورو واٽر ٽينڪرن جا اگھ مقرر ڪندي آرڊر جاري ڪيو ھو ته ڪراچي واھ تي ڪا به غير قانوني پاڻي لفٽر مشين نه لڳندي پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ٻولھاڙي انتظاميا پاران 2 مشينون لڳايون وينديون ڪا به پرچي نه ھلندي واٽر ٽينڪر وارا صرف تيل جو خرچ ڀريندا ۽ خرچ جي حساب سان صرف ننڍو ٽينڪر 600 روپيا وڏو ٽينڪر 800 روپيا وڪرو ڪندا پر ٽينڪر مافيا ان آڊر کي ٿڏيندي 1000 روپيا ننڍو ٽينڪر ۽ وڏو ٽينڪر 1500 روپيا وڪرو ڪرڻ لڳا تازو وري ٽينڪر مافيا ھڪ ڀيرو ٻيھر اگھ وڌائي ڇڏيا آهن غريب ماڻهو پيئڻ جي پاڻيء لاء روز جيئي ٿو روز مري ٿو واٽر ٽينڪر وارن جو چوڻ آهي ته ميونسپل ٻولھاڙي انتظاميا پاران اسان کان سئو روپيا پرچي جو ۽ سئو روپيا مشين جي ڀرائي جو وصول ڪن ته ٿا ڊيزل الڳ خرچ ڪيون ٿا ان کانپوء گاڏين جا خرچ ڊرائيور سميت ٻيا خرچ برداشت ڪيون ٿا جنهن ڪري پاڻي مھانگي اگھ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھيون ھوڏانھن ٻولھاڙي اتحاد جو اجلاس ٿي گذريو اڳواڻن يوسف سارنگ خالد لاشاري چيو ته ميونسپل چيئرمين مختيار جمالي صاحب پاڻي معاملو حل نه ڪيو ته سندس آفيس جو گھيراء ڪنداسين ضرورت پوڻ تي ڪورٽ سڳوري جو دروازو پڻ کڙڪايو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.