ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي هيلٿ سمورين سرڪاري اسپتالن جي ايم ايس کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسپتالن ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال نه ڪيو وڃي.

تفصيل موجب ڪراچي جي اسپتالن ۾ پلاسٽڪ بيگز جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، پابندي سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي لڳائي وئي جناح اسپتال جي انتظاميا آفيسر آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ٻئي پاسي پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي خلاف مهم بابت ڊي جي هيلٿ سمورين سرڪاري اسپتالن جي ايم ايس کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر مسعود سولنگي چيو ته اسپتالن ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال نه ڪيو وڃي، متبادل طور ڪاغذ يا ڪپڙي جا ٿيلها استعمال ڪيا وڃن.

ڊي جي هيلٿ جو وڌيڪ چوڻ ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.

سنڌ ماحوليات واري کاتي پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي پابندي تي عملدرآمد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي موجب پابندي پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مرتضيٰ وهاب پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي ڪارخانن، دڪاندارن کان سهڪار جي اپيل ڪندي چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏيو، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال منع آهي ان تي عملدرآمد ڪرائڻ چاهيون ٿا، ڪراچي جا 50 سيڪڙو مينهن جا نالا پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي ڪري بند آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.