واٽس ايپ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ بايوميٽرڪ تصديق جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

نيويارڪ: : مشهور ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ بايوميٽرڪ تصديق جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب گذريل سال جي شروع ۾ واٽس ايپ جي آءِ او ايس واهپيدارن جي لاءِ منهن جي وسيلي تصديق جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ واٽس ايپ اينڊرائيڊ بيٽا ورزن جي واهپيدارن لاءِ پڻ اها سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته ان جو استعمال فون ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر جي موجودگي سان مشروط آهي.

حيران ڪندڙ طور تي آءِ فون ۽ آءِ پيڊ جو استعمال ڪندڙن لاءِ منهن ۽ فنگر پرنٽس ٻنهي وسيلي سڃاڻپ جو آپشن موجود آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.