سوڊان ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ڇائيتاليهه ڄڻا فوت

خرطوم: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) سوڊان ۾ چوماسي جي برساتن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 46 ٿي ويو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آفريڪي ملڪ سوڊان ۾ سخت برساتن ۾ لينڊ سلائيڊنگ، بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 46 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي آهن. ڊيم ٽٽڻ سبب ٻوڏ جو وهڪرو مقامي آبادي ۾ داخل ٿي ويو آهي.

سوڊان ۾ گذريل 2 مهينن کان وقفي وقفي سان ٿيندڙ برساتن 18 مان 16 صوبن کي متاثر ڪيو آهي. جڏهن ته 2 ڏينهن کان هلندڙ برساتن ۾ تيزي اچي وئي آهي  جنهن ۾ 16 هزار گهر تباهه ٿي ويا آهن. هزارين ماڻهن کي  محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

رليف ڪيمپن ۾ غذائي شين جي کوٽ وڌي وئي آهي. جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي مختلف جڳهين تان 100 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتالن ۾ آندو ويو جن مان 6 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

موسميات کاتي برساتن جو سلسلو وڌيڪ هڪ هفتي تائين جاري  رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي شهرين کي احتياط اختيار ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.