ٿر واسين لاءِ خوشي جي خبر، ٿر ۾ يونيورسٽي قائم

سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ يونيورسٽي جي قيام جي اعلان بعد اسلام ڪوٽ ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ ٿرفائونڊيشن جي سهڪار سان اين اي ڊي يونيورسٽي پاران ڪئمپس شروع ڪرڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ هلندڙ سال تعليمي عمل جي شروعات ڪندي داخلائون شروع ڪيون وينديون. ان ڏس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني، اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ سٽيزن فائونڊيشن وچ ۾ هڪ معاهدي تي به صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن موجب اين اي ڊي يونيورسٽي هلندڙ سال کان ئي ٿرفائونڊيشن جي اينگرو ڪئمپس اسلام ڪوٽ ۾ قائم اسڪول جي عمارت ۾ ”ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنسز ۽ ٽيڪنالاجي“ TIEST ڪم شروع ڪري ڏيندو. گذريل ڏينهن جاري ٿيل پڌرائي موجب ڌرين وچ ۾ ٿيل معاهدي تي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ ٿرفائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيٽوآفيسر سيد ابوالفضل رضوي، اين اي ڊي يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد غضنفر حسين ۽ سٽيزن فائونڊيشن جي سيد اسد ايوب احمد صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. اين اي ڊي يونيورسٽي مختلف 18 شعبن ۾ ڊگري، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام جاري ڪندي آهي، جڏهن ته پهرين مرحلي طور سندن اسلام ڪوٽ ڪئمپس TIEST ۾ ڪمپيوٽر سائنس شعبي ۾ ڊگري پروگرام جو آغاز ڪي ويندو. معاهدي موجب ٽئي ڌريون اسلام ڪوٽ ڪئمپس جي واڌ ويجهه، پنهنجي تجربي ۽ وسيلن کي ڪتب آڻيندي اداري کي قائم ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي سان سهڪاري هونديون، جڏهن ته سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني مقامي مهارت، خدمتن ۽ تجربي ۽ ٿرفائونڊيشن اسلام ڪوٽ اينگرو ڪئپمس جي ٽين ماڙ عارضي طور اين اي ڊي يونيورسٽي کي فراهم ڪم ڪندي ته جيئن TIEST ۾ هلندڙ سال کان ڪلاسن جو آغاز ٿي سگهي. انهي کانسواءِ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران يونيورسٽي کي ٽيڪنيڪل مسئلن جي حل ۽ شاگردن کي ساليانو انٽرنشپ فراهم ڪرڻ ۽ چائنيز يونيورسٽيز ۾ اعلي تعليم ۽ صنعتن ۾ روزگار جي فراهم جي حوالي سان به سهائتا فراهم ڪندي. ان تاريخي موقعي تي ڳالهائيندي سيد ابوالفضل رضوي چيو آهي ته اسلام ڪوٽ ۾ ساک رکندڙ اداري پاران يونيورسٽي جو قيام هڪ قومي خدمت آهي جنهن سان نه رڳو سنڌ پر خاص طور تي ٿر جو نوجوانن کي غيرمعمولي لاڀ حاصل ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان هدف جي حاصلات لاءِ زبردست سهائتا فراهم ڪري پئي، ڇاڪاڻ ته اينگرو پنهنجي پارٽنرز سان گڏجي ”ٿربدليندو پاڪستان“ واري عزم جي پورائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش لوڌي جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ يونيورسٽي جو ڪئمپس کولڻ سندن لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته جيئن ٿر جهڙي علائقي ۾ تعليم جون جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سهولتون فراهم ڪري سگهجن. سٽيز فائونڊيشن جي سيد اسد ايوب احمد جو چوڻ آهي ته سندن پاران ٿر ۾ اڳيئي بنيادي تعليم لاءِ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن ۽ اسلام ڪوٽ اينگرو ڪئمپس جي ٽين ماڙ تي عمارت جي فراهم ڪري سندن پاران اعلي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو حصو وڌو آهي ته جيئن ٿر جهڙي غيرمراعات يافته علائقي کي ترقي ڏانهن گامزن ڪري سگهجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.