حيدرآباد رينج جي 79 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽرن جي عهدن تي ترقيون

حيدرآباد رينج جي 79 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽرن جي عهدن تي ترقيون

\ حيدرآباد ۾ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ريجن ڊاڪٽر ولي الله دل 79 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽرن جي عهدن تي ترقيون ڏئي بيجز لڳايا. ڀٽائي نگر قاسم آباد ۾ شهيد انسپيڪٽر واحد بخش آڊيٽوريم هال ۾ تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ اي آءِ جي عطاءُ الله، ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن نعيم شيخ، ايس ايس پي حيدرآباد سرفراز نواز شيخ، ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم سميت رينج جي ايس ايس پيز سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب دوران ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ريجن ڊاڪٽر ولي الله دل حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو، دادو، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ٽنڊو الهيار، بدين، لاڙڪاڻو سان تعلق رکندڙ اسسٽنٽ انسپيڪٽرن کي سب انسپيڪٽر جا بيجز لڳايا. ترقيون ماڻيندڙن ۾ حيدرآباد مان مولابخش حاجاڻو، محمد فواد، غلام مصطفي، خليل احمد راجپو، انور الدين عباسي، حامد علي اوٺوال، ظهير احمد پٺاڻ، جهنڊو خان مشوري، انعام الدين راهپوٽو، غلام حسين، سيد سعيد احمد، ارشاد احمد، محمد فاروق، شوڪت علي، ڄامشورو مان محمد جاويد، محمد صادق لنڊ، نظير احمد شيرا، غلام مصطفي دائودپوٽو، محمد جمن ملاح، لطف الله ملاح، غلام حيدر پنهور، غلام مرتضي گوپانگ، غلام حسين ملاح، مير محمد شاهاڻي، سڪندر علي سولنگي، محمد خان پنهور، عبدالرشيد مڱريو، مٽياري مان سيد طالب حسين، پانڌي خان زرداري، غلام شبير سيال، وڏل شاهه، مقبول احمد، دولت خان، ٺٽي مان منظور علي چانڊيو، نواب خان خشڪ، محمد بخش ٻٻر، دادو مان نواب عالم لغاري، مير حسن شاهاڻي، محمد امين وگهيو، محبوب علي شاهه، شبير احمد پنهور، سائين رکيو جمالي، فدا حسين سولنگي، ارشاد علي جتوئي، دين محمد پنهور، عبدالطيف لغاري، صابر حسين گوپانگ، محمد دائود پنهور، ابراهيم سولنگي، شبير احمد لغيو، امداد حسين قمبراڻي، منور علي چانڊيو، منهون خان، ضمير حسين جتوئي، مشتاق حسين ميمڻ، محمد حسين سولنگي، شهدادپور مان سڄڻ ڳاهوٽي، محمد هارون شامل آهن. ٽنڊوالهيار مان غلام حسين، نظر حسين بهراڻي، زين العابدين پنهور، علي حسن مگسي، ٽنڊو محمد خان مان قربان علي گوپانگ، ضمير احمد ناريجو، لاڙڪاڻي مان سڪندر علي کوسو، بدين مان ناظم حسين ڇلگري، علي اڪبر شاهاڻي، لکي نظاماڻي، ساوڻ نهڙيو، محمد شريف جوڻيجو سانگهڙ مان غلام مصطفي ۽ ٻيا ترقيون ماڻيندڙن ۾ شامل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.