سون جي اگهه سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ملڪ ۾ سون جي اگھن ۾ 950 ۽ 815 رپيا واڌ کان پوءِ سون 88 هزار 300 رپيا تولو ۽ 75هزار 703 رپيا في 10 گرام جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو.

آل سنڏ سونارا جيولرز ايسوسيئيشن (اي ايس سي جي اي) ان جو سبب عالمي سطح تي سون جي اگھن ۾ في اونس 16 ڊالرن جي واڌ کي قرار ڏنو جيڪو هاڻ هڪ هزار 514 ڊالر في اونس جي سطح تي پهچي چڪوآهي.

ان کان اڳ عيدالاضحيٰ جي موڪلن سبب 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ سون جي خريد ۽ وڪرو نه ٿي سگھيو هو.

سونارن جو چوڻ آهي ته سون جي اگهه ۾ واڌ جو سڀ کان وڏو سبب عالمي سطح تي ان جي اگھه ۾ واڌ آهي جڏهن ته گذريل ڪيترن هفتن کان رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگھه ۾ ڪا وڏي تبديلي ڏسڻ ۾ ناهي آئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.