تلهار ۾ خرچ نه ڏيڻ تان ٻن طلاقيل نارين جو اڳوڻي مڙس کي جوتن جو وسڪارو

تلهار(ڌيان طلب) تلهار ۾ خرچ نه ڏيڻ تان ٻن طلاقيل نارين جو اڳوڻي مڙس کي ڪٽڪو، شهر جي وارڊ نمبر هڪ واري علائقي ۾ حسين چانڊيو نالي شخص تي سندس اڳوڻين ٻن زالن مسمات بدرالنسا ۽ مسمات فاطمه حملو ڪري کيس مارڪٽ ڪئي، ٻئي ناريون همراهه کي وارن مان جهلي ڪٽينديون رهيون، پاڙي وارن پهچي همراهه کي بچائي ورتو. ان موقعي تي صحافين آڏو احتجاج ڪندي نارين فاطمه چانڊيو ۽ بدرالنساء ملاح چيو ته اسان ٻئي حسين چانڊيو جون اڳوڻيون زالون آهيون، اسان کي هن مڙس مان ڏھ ٻار آهن، جن لاءِ هو رپيو به نه پيو ڏئي. حسين چانڊيو اسان کي طلاق ڏئي ٻارن کي رولي ڇڏيو آهي. هوڏانهن حسين چانڊيو ٻڌايو ته مون ٻنهي زالن کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي، هاڻي انهن سان ڪو واسطو ناهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.