ڀارت طرفان (ايل او سي) تي بنا جواز فائرنگ نتيجي ۾ پاڪ فوج جو هڪ وڌيڪ جوان شهيد

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول  تي بنا جواز فائرنگ . جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو هڪ وڌيڪ جوان شهيد ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن ڀارتي يوم آزادي تي پوري دنيا ڪارو ڏينهن ملهايو جيڪو ڀارت کان برداشت نه ٿيو، ان جي نتيجي ۾ ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جاري رهي آهي ۽ پاڪ فوج جو هڪ وڌيڪ جوان شهيد ٿي ويو، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ڀارت ايل او سي جي بٽل سيڪٽر تي فائرنگ ڪئي آهي، نتيجي ۾ قوم جو هڪ وڌيڪ پٽ شهيد ٿي ويو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب سپاهي محمد شيراز فرض جي ادائگي دوران شهادت ماڻي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ سبب پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا هئا، جن ۾ نائڪ تنوير، لائنس نائڪ تيمور ۽ سپاهي رمضان شامل آهن، آءِ ايس پي آر موجب والاريل ڄمون و ڪشمير جي موجوده نازڪ صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارتي فوج ايل او سي تي فائرنگ جو سلسلو وڌايو آهي،

Leave A Reply

Your email address will not be published.