اوهان فيس بڪ ميسنجر تي جيڪو ڳالهايو سڀ ريڪارڊ ٿي ويو

سليڪان ويلي (ويب ڊيسڪ) هڪ ڪارباري ۽ واپاري خابرو اداري “بلوم برگ” پونهنجي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته فيسبڪ ميسينجر تي واهپيدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه نه رڳو رڪارڊ ڪئي آهي پر اها ٻين ادارن کي فراهم ڪري لکت ۾ تبديل به ڪرائي آهي.

بلومبرڪ اهو انڪشاف انهن ادارن سان رابطو ڪرڻ کان پوءِ ڪيو آهي جيڪي في بنڌڪ کي ٽرانسڪرپشن سروس (ڳالهه ٻولهه کي لکت ۾ مٽاکڻ جون خدمتون) فراهم ڪندا رهيا آهن. فيس بڪ جي ذميوارن به ان خبر جي تصديق ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته هو ميسينجر تي واهپيدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪندا رهيا آهن پر ان جو مقصد ان هنن جي آٽوميٽڪ “ٽيسٽ ٽو اسپيچ سسٽم“ (آواز کي متن ۾ مٽائيندڙ نظام) جي ڪارڪردگي جاچڻ ۽ ان کي بهتر بڻائڻ رهيو آهي، جيتوڻيڪ، اهو ڳجهو پروجيڪٽ هڪ هفتو اڳ ختم ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته فيسبڪ ماضي ۾ به ميسينجر تي واهپيدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي گڏ ڪري مختلف سرڪاري ادارن کي فراهم ڪندو رهيو آهي پر ان جواز لاءِ ته اهو دهشتگردي خلاف آمريڪي قانونن جو سهارو وٺندي ڪيو ويو آهي . واهپيدارن جو آواز رڪارڊ ڪرڻ ۽ ان کي ٽرانسڪريپشن لاءِ ڪنهن ٽين اداري کي ڏيڻ، واهپيدارن فيسبڪ جي ان معاهدي ۾ شامل ناهن جنهن کي اينڊ يوزر لائيسنز (ايولا) چيو ويندو آهي.

واهپيدارن کي اعمتاد ۾ وٺڻ کان سواءِ هنن جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ ۽ ان کي لکت ۾ تبديل ڪررائڻ تي فيسبڪ کي هڪ ٻئي ڪيس کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو جڏهن ته ان خبر جي نتيجي ۾ فيس بڪ تي واهپيدارن جي  اعمتاد ۾ به گھٽتائي اچي سگھي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.