ٿرپارڪر جي مختلف شھرن ۾ جشن آزادي جو ڏھاڙو جوش جذبي ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهايو ويو

ٿرپارڪر جي مختلف شھرن ۾ جشن آزادي جو ڏھاڙو جوش جذبي ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهايو ويو

مٺي(رپورٽر) مٺي سميت ٿرپارڪر جي مختلف شھرن ۾ قومي آزادي جو ڏھاڙو جوش جذبي ۽ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ملهايو پيو وڃي انهي سلسلي ۾ مٺي ۾ مک تقريب صادق فقير چوڪ تي ٿي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر،ايم اين اي مھيش ملاڻي،ايس ايس پي ٿر عبدالله احمد يار،ايم پي اي قاسم سومرو،ميونسپل چيئرمين منوج ملاڻي،ڊي اي او دولترام،انور ساهڙ ۽ ٻين آفيسرن،استادن،سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي تقريب جي شروعات قومي پرچم کي سلامي ڏئي قومي تراني سان ڪئي وئي تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن تقريرون ۽ نغما پيش ڪري پنهنجي وطن سان محبت ۽ ڪشمير سان يڪجهتي جو اظھار ڪيو

Leave A Reply

Your email address will not be published.