والاريل ڪشمير ۾ نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار

والاريل ڪشمير ۾ نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار

سري نگر (ڊيسڪ رپورٽ) والاريل ڪشمير ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ مسلسل نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار رهيو. ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت صدارتي حڪم نامي جي ذريعي ختم ڪري ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ ئي وادي ۾ احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ قابض فوج ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو. والاريل ڪشمير ۾ اڄ مسلسل نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار آهي ۽ مواصلات جو نظام مڪمل طور معطل آهي. قابض انتظاميه انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون سروس به بند ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته سخت پابنديون پڻ لاڳو ڪيون ويون آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مواصلاتي نظام جي معطلي، مسلسل ڪرفيو ۽ سخت پابندين سبب رهواسين کي ٻارن جي لاءِ کير، زندگي بچائڻ وارين دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گذريل ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي به والاريل وادي ۾ ڪرفيو لاڳو رهيو جنهن سبب ڪشميري مسلمانن جي اڪثريت عيد جي نماز ۽ سنت ابراهيمي ادا ڪرڻ کان به محروم رهيا. ياد رهي ته ڀارتي حڪومت جي قدمن خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪشميرين جو احتجاج جاري آهي. گذريل ڏينهن به ڪشميرين جي وڏي تعداد ڀارتي حڪومت جي فيصلي جي خلاف روڊن تي نڪري آيا هئا ۽ سخت احتجاج ڪيو هو. احتجاج ۾ عورتن جي به وڏي تعداد شرڪت ڪئي جنهن هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي رکيا هئا. ڀارتي فوج طرفان مظاهرين مٿان گوليون، پيلٽ گنز ۽ آنسو گيس جا شيل فائر ڪيا ويا جنهن سبب هينئر تائين 6 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.