BISE Hyderabad SSC-II (CLASS X) ANNUAL EXAMINATION 2019 Result
حيدرآباد تعليمي بورڊ سائنس ۽ آرٽس گروپ ۾ ڏهين ڪلاس جي ساليانن امتحانن جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو. بورڊ جي نتيجن موجب سائنس گروپ ۾ دي ايجوڪيٽرس اسڪول مهراڻ ٽائون جي نور طارق 768 مارڪس کڻي پهرين، مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول جي ذيشان علي 759 مارڪس کڻي ٻئين ۽ سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول قاسم آباد جي سرخشان 756 مارڪس کڻي ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. بورڊ جي نتيجن موجب مجموعي طور تي 68 هزار 896 شاگردن سالياني امتحان ۾ آيا، جِن مان 55 هزار 34 شاگرد پاس ٿيا ۽ 13 هزار 60 شاگرد فيل ٿي پيا