سنڌ سرڪار امڪاني تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي واڳيل سمورن ادارن جون عيد جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون

سنڌ سرڪار امڪاني تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي واڳيل سمورن ادارن جون عيد جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون، وڏي وزير چيو آهي ته جيڪي آفيسر موڪلن تي هليا ويا آهن، انهن کي به واپس گهرايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ ۾ ڊويزنل ۽ حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه سان گڏجي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سمورن ضروري خدمتن وارن ادارن جون عيد جون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن، موڪلن تي ويل آفيسرن کي واپس گهرايو ويندو. وڏي وزير چيو ته تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، 48 ڪلاڪن اندر سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، آئون اهو چئي نه ٿو سگهان ته برساتي پاڻي شهرن ۾ نه بيهندو، پر شهري انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا شهرين سان گڏ بيٺل هوندا، شهري به سهڪار ڪن، سيد مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته حيدرآباد ۾ تازين برساتن دوران انتظاميه ۾ رابطي جو بحران هو، هن ڀيري کين رابطا مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وڏي وزير چيو ته حيسڪو کي حيدرآباد جي پمپنگ اسٽيشنز تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت وئي آهي، ايڇ ڊي اَي، واسا ۽ ضلعي انتظاميه کي چيو آهي ته امڪاني برساتن واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کين جيڪي سهولتون گهرجن، ان بابت ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪن ته جيئن سموريون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪٽري سنڌ کي فون ڪري موڪلون رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.