يونيورسٽي جي شاگردياڻي “مس وينزويلا” چونڊجي وئي

نيو يارڪ  وينزويلا ۾ ٿيل سالياني خوبصورتي جي مقابلي ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ملڪ جي ٻين 23 اميدوار ڇوڪرين کي پوئتي ڇڏيندي “مس وينزويلا” جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. “مس وينزويلا” جو فائنل مقابلو گذريل ڏينهن رات دير تائين جاري رهيو جنهن ۾ 20 سالن جي شاگردياڻي اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. خابرو اداري اي ايف پي موجب مس وينزويلا جو مقابلو گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري هو ۽ پهرين آگسٽ تي ان جو فائنل ٿيو. فائنل ۾ يونيوسرٽي جي شاگردياڻي 20 سالن جي ٿاليا اولوينو ملڪ جي ٻين رياستن مان ايندڙ سندرين کي پوئتي ڇڏي ڏنو. مس وينزويلا چونڊجڻ واري ٿاليا اوليوينو جو واسطو وينزويلا جي رياست ديلتا اماڪورا سان آهي. مس وينزويلا جي فائنل مقابلي ۾ 24 ڇوڪرين مان مجموعي طور تي 5 ڇوڪرين کي چونڊيو ويندو آهي.

جنهن مان هڪ ڇوڪري کي “مس وينزويلا قرار ڏنو ويندو آهي. فائنل رائونڊ ۾ چونڊيل ٻين 4 سندرين مان هڪ کي مس انٽرنيشنل ۽ ٻين کي مس وينزويلا رنر اپ قرار ڏنو ويندو آهي. هن ڀيري مس وينزويلا جي مقابلي ۾ وڏي تبديلي ڪندي پهريون ڀيرو مقابلي ۾ شريڪ ڇوڪرين جي جسماني خدوخال جو اعلان نه ڪيو ويو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.