پاڪستان هندو ڪائونسل جو 14 آگسٽ لاءِ وڏو تحفو

پاڪستان هندو ڪائونسل جو 14 آگسٽ لاءِ وڏو تحفو

پاڪستان هندو ڪائونسل پاران 14 آگسٽ پاڪستان جي جشن آزادي واري ڏينهن جي مناسبت سان ڦوڪڻن سان تيار ٿيل 60 فٽ ويڪرو ۽ 40 فٽ اونچو قومي جهنڊو اسيمبلي هال ۾ لڳائي ڇڏيو،  هندو ڪائونسل پاران لڳايل قومي جهنڊو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ٽيم پاران  شامل ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون جيڪا هندو ڪائونسل جي وڏي ڪاوش آهي.

انهي جهنڊي جي افتتاحي تقريب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪئي ويندي.

اقليتي ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر رميش ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي جشن آزادي جي ڏينهن تي پارليمينٽ هائوس اچڻ جي دعوت آهي. جيڪي جهندي واري تقريب ۾ شرڪٽ ڪري سگهندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.