دنيا جو سڀ کان ننڍڙو ليپ ٽاپ تيار

آمريڪا جي آءِ ٽي انجنيئر پال ڪلينگر صرف 7 ڏينهن ۾ دنيا جو سڀ کان ننڍڙو ليپ ٽاپ ٺاهيو آهي جنهن جي اسڪرين جي سائز صرف هڪ انچ آهي. پال ڪلينگر جي ٺاهيل ليپ ٽاپ جي ڊسپلي 0.96 سينٽي ميٽر آهي ۽ ان کي ٺاهڻ ۾ صرف 85 ڊالرز (پاڪستاني 13 هزار 561 روپيا) خرچ ٿيا، پال ان ليپ ٽاپ کي ٿنڪ ٽيني جو نالو ڏنو آهي ۽ اهو ليپ ٽاپ آءِ بي ايم ٿنڪ پيڊ جو مختصر ورزن آهي.

دنيا جي ان سڀ کان ننڍڙي ليپ ٽاپ ۾ 300 ايم اي ايڇ جي بيٽري لڳل آهي جنهن کي چارج به ڪري سگهجي ٿو، ان ننڍڙي ليپ ٽاپ ۾ ٿنڪ پيڊ جيان ڳاڙهي رنگ جو ٽريڪ پوائنٽ ڪرسر ڪنٽرول پڻ ڏنو ويو آهي، ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ واهپيدار گيم پڻ کيڏي سگهن ٿا، ان ۾ ٽيٽرس، ليونار، لينڊر، سنيڪ ۽ ڪجهه ڪلاسڪ ڪارڊ گيم کيڏي سگهجن ٿيون.

ٿنڪ ٽيني جو ست لائن جو ڪي بورڊ ٿري ڊي پرنٽر سان ٺاهيو ويو آحي ۽ ان ۾ 14 پن اي ٽي ٽيني 16’4 مائيڪرو ڪنٽرولر (20 ميگا هرٽز) آهي جيڪو هڪ ننڍي 128*64 پڪسل اوليڊ ڊسپلي سان جڙيل آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.