هاڻي ڦوڪڻو جاسوسي ڪندو

هاڻي ڦوڪڻو جاسوسي ڪندو

 آمريڪا ۾ نگراني لاءِ ڦوڪڻن جو استعمال آزمائشي طور تي شروع ڪيو پيو وڃي.

آمريڪي حڪومت ڪانٽريڪٽرسيئر نيواڊا ڪارپوريشن طرفان اهي ڦوڪڻا تيار ڪيا ويا آهن جيڪي ڊگهي فاصلي کان نه صرف هڪ نيٽورڪ ٺاهڻ جي قابل هوندا پر زمين تي ٿيندڙ سرگرمين تي پڻ نظر رکندا.

آمريڪي  دفاعي کاتي پينٽاگون طرفان انهن ڦوڪڻن جي آزمائشن جو حڪم جاري ڪيو ويو هو جيڪو 12 جولاءِ کان پهرين سيپٽمبر وچ ۾ ٿيندي.

اهي ڦوڪڻا مختلف ريڊيو فريڪوئينسيز جو استعمال ڪندا جڏهن ته انهن کي توانائي سولر پينل وسيلي ملندي، 65 هزار فٽ جي اونچائي تي پهچندڙ اهي ڦوڪڻا ڪيترن ئي ڏينهن تائين آسمان تي اڏام جاري رکي سگهندا جيڪا ڪنهن به جهاز لاءِ ممڪن ناهي.

جڏهن ته آمريڪا ۾ ماهر انهن ڦوڪڻن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي نجي زندگي ۾ مداخلت جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.