44 هزار پرائمري اسڪولن مان 11 هزار نان وائبل اسڪول ختم ڪرڻ جو فيصلو

*44 هزار پرائمري اسڪولن مان 11 هزار نان وائبل اسڪول ختم ڪرڻ جو فيصلو *

*صوبي جا سڀئي وائبل شيلٽرليس ۽ بند پيل اسڪول کوليا ويندا، سردار شاهه*

*شڪارپور ۽ تنگواڻي علائقن جا قبيلائي جهيڙن سبب بند پيل اسڪول هر صورت ۾ کوليا وڃن، سردار شاهه جي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي کي سڀاڻي شام تائين سمورا اسڪول کولرائي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*

*ٿاڻو بولا خان سميت ٻين هارڊهٽ علائقن لاءِ ڌار پاليسي جوڙي ويندي، سردار شاهه*

*فائنل ٽيچر پليسمنٽ پلان تيار، شهرن ۾ ويٺل سرپلس استادن کي ڳوٺن ۾ اماڻي بند اسڪول کولڻ جي تياري*

*تعليم واري وزير سڀني ڊائريڪٽرن کان سندن پيش ڪيل رپورٽن تي صحيحون ڪرائي ڇڏيون ايندڙ سڀئي پاليسيون انهن ئي انگن اکرن موجب ٺاهيون وينديون*

*هلندڙ تعليمي سال دوران استادن جون بدليون تقريباً ناممڪن، ٽرانسفر واري عمل کي تمام ڏکيو بڻايو ويندو: سردار شاهه*

:تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ چيو آهي ته هاڻي صوبي اندر ڪٿي به ڪو اسڪول بند نه رهندو، سڄي صوبي ۾ ٽيچر پليسمنٽ پلان فائنل ٿي چڪو آهي جنهن تي عملدرآمد کانپوءِ صوبي جي سڀني بند پيل اسڪولن کي کوليو ويندو. هن چيو ته صوبي جي سڀني شيلٽر ليس هلڻ جوڳن اسڪولن ۾ استادن کي مقرر ڪري کولرايو ويندو. ۽ هاڻي صوبي ۾ ڪوبه بند اسڪول نه رهندو. هن چيو ته ٿاڻو بولا خان، جاتي ۽ کاروڇاڻ سميت ٻين علائقن جي بند پيل اسڪولن کي کولڻ لاءِ هارڊهٽ علائقن جي ڌار پاليسي جوڙي ويندي.

اهڙن خيالن جو اظهار ۽ اهم فيصلا اڄ هن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ تعليم کاتي پاران ڪوٺايل اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيا، جنھن ۾ صوبي جي سڀني ريجنل ڊائريڪٽرن، سڀني ضلعن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري جي ڊي اي اوز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

تعليم واري وزير وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اها منظوري ڏني وئي آهي ته هاڻي تعليمي سال ۾ ڪنهن به استاد کي بدلي نه ويندو ڇوته انهيءَ سان ٻارن جي پڙهائي تمام گهڻي متاثر ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري هاڻي ٽيچر پليسمنٽ پلان تي عملدرآمد کانپوءِ استادن جي بدلين کي گهڻو ڏکيو بڻايو ويندو. ۽ استاد جي بدلي هاڻي تمام گهڻو ڏکيو مرحلو بڻجي ويندو جيڪا هاڻي ستن مرحلن کانپوءِ ئي ممڪن ٿي سگهندي. ٽرانسفر ايپليڪيشن کي مرحليوار هيڊماسٽر، ٽي اي او، ڊي اي او، ڊائريڪٽر، آر ايس يو، سيڪريٽري تعليم ۽ ان کانپوءِ تعليم واري وزير جي منظوري ضروري هوندي. فقط ٻن صورتن ۾ هڪ انتظامي مسئلن ۽ ٻيو انتهائي هيومنيٽيرين بنيادن تي بدلي ٿي سگهندي.

اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ تعليم کاتي پاران تعليمي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي پھرين مرحلي ۾ استادن جي پليسمينٽ پلان کانپوءِ سڀني بند پيل اسڪولن کي کولڻ، سڀني نان وائبل شيلٽرليس اسڪولن کي سسٽم کان خارج ڪرڻ، شاگردن ۽ استادن جي ريشو، ۽ ٻين اھم معاملن تي آفيسرن ڄاڻ ڏني.

ان موقعي تي تعليم واري سيڪريٽري قاضي شاھد پرويز تعليم جي وزير سيد سردار علي شاھ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ کاتي جي ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) ۽ فيلڊ آفيسرن جي ٽن مھينن جي لڳاتار محنت سبب صوبي جي سڀني اسڪولن جي ويريفڪيشن جو عمل مڪمل ٿيو آھي. ھن ٻڌايو تہ اسڪول ويريفڪيشن واري ڊيٽا موجب ھن وقت صوبي ۾ ٽوٽل 44316 پرائمري ۽ 4709 سيڪنڊري اسڪول آھن. ھن ٻڌايو تہ مٿي ڄاڻايل 44 ھزار پرائمري اسڪولن مان 4364 اسڪول شيلٽرليس آھن، جڏھن تہ ھڪ يا ٻن ڪمرن وارا اسڪول جيڪي ضم (Merge) ڪرڻا پوندا انھن جو انگ 4544 آھي. ان کان علاوہ پرائمري کان ماڊل اسڪول ۾ ضم ٿيندڙ اسڪولن جو انگ 217، پرائمري کان مڊل اسڪول 1768، پرائمري کان ايليمينٽري 433، پرائمري کان ھاءِ اسڪول 38 اسڪول شامل آھن. ھن ٻڌايو تہ 4364 شيلٽرليس اسڪولن مان 1406 اسڪول وائبل آھن ۽ انھن کي استاد ڏئي سسٽم ۾ آندو ويندو جڏھن تہ 2427 شيلٽرليس اسڪولن کي سسٽم کان خارج ڪيو ويندو. ان کان علاوہ 1873 اسڪولن جون عمارتون آھن پر انھن ۾ ڪابہ انرولمنٽ نہ آھي ۽ انھيءَ سان گڏوگڏ 304 نان وائبل بلڪل هلڻ نه جوڳا اسڪول آھن جنھن کي ختم ڪيو ويندو. اھڙي ريت صوبي جي ٽوٽل 44316 پرائمري اسڪولن مان نان وائبل شيلٽرليس اخراج، مرجنگ، ۽ اپگريڊيشن کانپوءِ 11607 اسڪول ڪڍڻ کانپوءِ پرائمري جا ٽوٽل 32709 اسڪول سسٽم ۾ موجود رھندا. ھن ٻڌايو تہ انهن 32 هزار اسڪولن جا 2534 سرڪلز بڻايا ويندا تہ جيئن انتظامي طور انھن کي بھتر طريقي سان ھلايو وڃي.

سيڪريٽري تعليم سڀني ڊائريڪٽرن کي واضح ڪيو ته نان وائبل اسڪول اهي آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ کولي نه ٿا سگهجن ڇوته انهيءَ علائقي ۾ نه ته ڪا ڪميونٽي آباد آهي، نه ئي وري اسڪول ويندڙ ٻار موجود آهن يا وري اتان کان ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي انهن اسڪولن جي هجڻ جو ڪوبه جواز نه آهي. تنهن ڪري اهڙي بنيادن تي ڪنهن به اسڪول کي نان وائبل قرار ڏئي سسٽم مان ختم ڪري سگهجي ٿو.

ان کانپوءِ سڀني ڊائريڪٽرن پنھنجي پنھنجي ريجنز جي بريفنگ پيش ڪئي.

*ڪراچي*
ڪراچي جي ڊائريڪٽر محمد سليم اعواڻ ٻڌايو تہ ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ ٽوٽل 1730 پرائمري اسڪول آھن، جنھن مان سينٽرل ۾ 296، ايسٽ ۾ 140، ڪورنگي ۾ 208، ملير ۾ 548، سائوٿ ۾ 141 ۽ ويسٽ ۾ 397 پرائمري اسڪول آھن. ھن ٻڌايو تہ جنھن مان شيلٽرليس ۽ ضم ڪرڻ کانپوءِ 568 اسڪول سسٽم مان ختم ڪيا ويندا.

ڊائريڪٽر سيڪنڊري حامد ڪريم ٻڌايو تہ ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ سيڪنڊري سائيڊ تي ٽوٽل 703 اسڪول آھن، جنھن مان 180 سينٽرل، 87 ايسٽ، 145 ملير، 103 ڪورنگي، 83 سائوٿ ۽ 105 ضلع ويسٽ ۾ آھن. ھن ٻڌايو تہ 9 بنا ڪنھن عمارت جي شيلٽرليس اسڪول آھن جن کي ختم ڪيو ويندو جڏھن تہ 8 شيلٽرليس اسڪول اھڙا آھن جنھن کي استاد ڏئي جاري رکيو ويندو. ھن ٻڌايو تہ پرائمري مڊل ۽ سيڪنڊري سائيڊ جي 14 اسڪولن کي ماڊل اسڪول جڏھن تہ پرائمري مان 76 اسڪولن کي سيڪنڊري ۾ ضم ڪيو ويندو، جڏھن تہ ٽوٽل 72 اسڪولن کي سسٽم مان ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آھي. جنھن کانپوءِ ڪراچي ۾ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ 631 ٿي ويندو.

*حيدرآباد*
حيدرآباد جي ڊائريڪٽر پرائمري صفر ڪاڇار اجلاس ۾ ٻڌايو تہ حيدرآباد ريجن ۾ ٽوٽل 12327 پرائمري اسڪول آھن جنھن مان 3294 اسڪول نان وائبل آھن.

تعليم واري وزير سيد سردار شاھ ڊائريڪٽر حيدرآباد کان سوال ڪيو تہ گذريل اجلاس ۾ اوھان 300 کان وڌيڪ بند اسڪولن جو پلان کڻي آيا ھئا، ھاڻي ٻڌايو انھن کي کولڻ لاءِ اوھان ڇا ڪيو آھي؟ جنھن تي صفر ڪاڇار جواب ۾ ٻڌايو تہ سائين، گذريل اجلاس کانپوءِ آئون پاڻ سجاول ۽ ٿاڻو بولاخان جي اسڪولن جو دورو ڪيو. ھاڻي فقط 61 اسڪول بند رھندا جنھن ۾ ٿاڻو بولا خان ۾ 45 ۽ جاتي ۾ 7 ۽ کارو ڇاڻ ۾ 9 اسڪول شامل آھن باقي حيدرآباد ريجن جي سڀني ضلعن ۽ تعلقن جا اسڪول کولي سگهبا. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ حيدرآباد شهر ۾ ھن وقت بہ 135 استاد سرپلس ۾ آھن، جيڪي ڊوميسائيل موجب ٻين ضلعن مان آيل آھن. جنھن تي تعليم واري وزير کيس ھدايت ڏني تہ سڀني سرپلس استادن کي سندن ڊوميسائيل موجب بدلي ڪري سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪيو.
ڊائريڪٽر سيڪنڊري رسول بخش شاھ ٻڌايو تہ حيدرآباد ريجن ۾ سيڪنڊري سائيڊ تي ٽوٽل 1045 اسڪول آھن جنھن مان 420 مڊل، 122 ايليمنٽري ۽ 503 سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪول موجود آھن جنھن مان 36 اسڪول نان وائبل آھن ۽ کين نٿو ھلائي سگھجي انھن کي سسٽم مان ڊيليٽ ڪيو ويندو.

*لاڙڪاڻو*
لاڙڪاڻي ريجن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد عابد علي شاهه پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ريجن ۾ ٽوٽل 6989 پرائمري اسڪول آهن جن مان نان وائبل، شيلٽرليس يا ضم ٿيندڙ اسڪولن جو انگ 856 آهي جيڪي سسٽم مان خارج ٿيندا، جنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي ريجن ۾ ٽوٽل پرائمري اسڪولن جو انگ 6133 ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 1188، قمبر شهداڪوٽ ۾ 1584، جيڪب آباد ۾ 1432 ۽ ضلعي شڪارپور ۾ 1227 پرائمري اسڪول آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شڪارپور ۾ مختلف قبائلي جهيڙن ڪارڻ 42 اسڪول بند رهندا ڇوته اسان اتي ڪوبه استاد مقرر نٿا ڪري سگهون. جنهن تي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته اسڪول کولرائڻ سڀ کان اهم ڪم آهي، اوهين جهيڙن وارن ذاتين کان علاوه ڪنهن ٽئين غير جانبردار برادري سان تعلق رکندڙ استادن کي اتي مقرر ڪريو. هن چيو ته پاڪستان جو دستور اسان کي لازمي تعليم جو حڪم ڏئي ٿو ۽ ڪمپلسري ايجوڪيشن ڪنهن قبيلي جي ريتن ۽ رسمن جي پاسداري ڪرڻ نه آهي هاڻي ته ڪنهن والدين کي به ڪو حق نه آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي تعليم کان محروم رکي سگهن. سردار شاهه چيو ته پاڻ ۾ جهيڙو ڪندڙ قبيلن کي گذارش ڪئي وڃي ته الله جي واسطي جهيڙا ختم ڪريو ۽ پنهنجن ٻارن تي ڪجهه رحم ڪريو. اوهان جي معمولي جهيڙن سبب اسڪول بند پيا آهن جيڪي اسان جي نسلن جي تباهي آهي.

*سکر*
سکر ريجن جي ڊائريڪٽر عزيز هڪڙو ٻڌايو ته سکر ريجن ۾ 6434 اسڪول آهن جنهن مان ضلعي سکر ۾ 1106، گهوٽڪي ۾ 2055 ۽ خيرپور ضلعي ۾ 3273 پرائمري اسڪولن آهن. هن ٻڌايو ته ٽوٽل 6434 مان نان وائبل، شيلٽرليس ۽ ضم ٿيڻ کانپوءِ ريجن ۾ ٽوٽل 4879 اسڪول بچندا. جنهن لاءِ ٽيچر پليسمينٽ پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن تي عملدرآمد کانپوءِ سکر ريجن ۾ ڪوبه اسڪول بند نه رهندو.

*شهيد بينظيرآباد*
شهيد بينظيرآباد جي ڊائريڪٽر پنهنجي بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ته کيس ريجن ۾ ٽوٽل 7928 پرائمري اسڪول آهن جنهن مان شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ 2497، نوشهروفيروز ۾ 2285 ۽ سانگهڙ ۾ 3146 پرائمري اسڪول آهن. هن ٻڌايو ته سڄي ريجن ۾ شيلٽرليس ۽ نان وائبل کي خارج ڪرڻ ۽ هڪ يا ٻن ڪمرن وارن اسڪولن جي ضم کان پوءِ 2557 اسڪول سسٽم مان ختم ٿي ويندا جنهن کانپوءِ شهيدبينظيرآباد ريجن جي پرائمري اسڪولن جو انگ 5371 رهجي ويندو ۽ انهن ۾ استادن جي پليسمنٽ وارو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ شهيد بينظيرآباد ريجن ۾ ڪوبه اسڪول بند نه رهندو.

*ميرپورخاص*
ڊائريڪٽر ميرپورخاص وهاب عباسي پنهنجي برينفگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ته ميرپورخاص ريجن ۾ ٽوٽل 8592 پرائمري اسڪول آهن جنهن مان ضلعي ميرپورخاص ۾ 3934 ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ 2572 اسڪول آهن. هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ريجن ۾ ٽوٽول 729 شيلٽرليس اسڪول آهن جنهن مان فقط 290 اسڪول کولرائي سگهجن ٿا جڏهن ته 437 شيلٽرليس اسڪولن کي سسٽم مان ختم ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سندس ريجن ۾ هڪ يا ٻن ڪمرن جي اسڪولن جو انگ 1586 آهي جڏهن ته 227 اهڙا اسڪول آهن جنهن جون عمارتون آهن پر اتي ڪابه انرولمينٽ نه آهي. هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ريجن ۾ 63 پرائمري کان ماڊل، 1023 پرائمري کان مڊل ۽ 87 پرائمري اسڪول کي ايليمينٽري لاءِ پرپوز ڪيو ويو آهي. ان حساب سان نان وائبل، شيلٽرليس جي خاتمي ۽ ضم ٿيندڙ اسڪولن جو ٽوٽل انگ 3423 سسٽم مان ختم ٿي ويندا جنهن کانپوءِ ريجن ۾ ٽوٽل اسڪولن جو انگ 5169 ٿي ويندو، جنهن جا 312 سرڪلز ٺاهيا ويندا.

اجلاس جي آخر ۾ تعليم واري وزير جي هدايتن تي سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز هر هڪ ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او کي کين پيش ڪيل رپورٽن تي صحيحون ورتيون ته جيئن ايندڙ وقت ۾ کين پيش ڪيل ڊيٽا موجب کاتي جون سموريون پاليسيون جوڙيون وينديون

Leave A Reply

Your email address will not be published.