پوليس شهداءِ ڏهاڙو: پوليس شهيد اهلڪار جي معصوم پٽ کي هڪ ڏينهن لاءِ ايس ايڇ اي مقرر ڪري ڇڏيو

پوليس شهداءِ ڏهاڙو: پوليس شهيد اهلڪار جي معصوم پٽ کي هڪ ڏينهن لاءِ ايس ايڇ اي مقرر ڪري ڇڏيو

 ڀان سيد آباد(ڌيان طلب) ڀان سيد آباد ٿاڻي تي ٻارڙو هڪ ڏينهن لاءِ ايس ايڇ او جي عهدي تي مقرر، شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٽلٽي سان تعلق رکندڙ شهيد اهلڪار عاشق گاڏهي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس معصوم پٽ ” جونيئر عاشق گاڏهي“ کي هڪ ڏينهن لاءِ ڀان سيد آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو، شهيد اهلڪار جي پٽ کي ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي سيٽ تي ويهاريو ويو، ان کانسواءِ پوليس موبائيل ۾ به نينگر کي ايس ايڇ او واري فرنٽ سيٽ تي ويهاري گشت ڪرايو ويو. ڀان ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد اشرف شاهاڻي سڄو ڏهاڙو پنهنجي شهيد ساٿي جي معصوم پٽ سان گذاريو، جڏهن ته آخر ۾ کيس مٺائي ۽ تحفا پڻ پيش ڪيا، شهيد عاشق گاڏهي جي معصوم پٽ ڏهاڙو انجواءِ ڪيو ۽ وڏو ٿي پوليس آفيسر بڻجڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اشرف شاهاڻي جو چوڻ هو ته اسين شهيدن جي اولاد جا وارث آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد شهيدن جي پونئيرن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ آهي، چيو وڃي ٿو ته اهلڪار عاشق گاڏهي جي شهادت وقت اهو ٻارڙو امڙ جي پيٽ ۾ هو، پيءُ جي شهادت بعد سندس نالو “جونيئر عاشق گاڏهي“ رکيو ويو هو، شهيد اهلڪار جي پٽ کي هڪ ڏينهن جو آفيسر بڻائڻ کي شهرين پاران ساراهيو ويو آهي. هوڏانهن ڀان سيدآباد پوليس اسٽيشن تي شهيد پوليس اهلڪارن جي روح کي ايصال ثواب پهچائڻ لاء قرآن خواني جو اهتمام پڻ ڪيو ويو ۽ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي

Leave A Reply

Your email address will not be published.