آئينو

آئينو

رضا ٻٻر

ھڪ طرف سنڌ جو ٿر وارو علائقو آھي جتي سانوڻيء جي مينھن سان مارن جون مُرڪون موٽي آيون آھن ۽ ڏڪاريل ڏيھھ جا ماڻھون بادل کي اڃان برسڻ جي التجا ڪري رھيا آھن. ساڳي جڳھ تي سنڌ جا ٻيا شھر ۽ خاص طور تي سنڌ جي گاديء وارو ھنڌ ڪراچي ۽ اڳوڻي راڄڌاني حيدرآباد آھي جتي سانوڻيء جي مينھن سان ڪجھ گهڙين جي لاءِ موسم ته خوشگوار ٿي وئي ۽ ڪراچيء جا رھواسي سمنڊ ڪناري جڏھن ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي جا رھواسي المنظر تي تفريح جي لاءِ وڏي تعداد ۾ نڪري پيا، پر مينھن جي لاڳاتار وسڻ توڙي شديد ٿيڻ کانپوءِ رحمت، زحمت بڻجي وئي ۽ ذڪر ڪيل شھر، شھرن توڙي آبادين بجاءِ ڍنڍن ۽ ڍورن جو ڏيک اختيار ڪري ويا. روڊن، رستن تي ٻوڏ جو پاڻي وھندي نظر آيو جيڪو آخرڪار گهرن ۾ پڻ داخل ٿي ويو، مينھن وسڻ سان ئي گم ٿيل بجلي جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مينھن وسڻ کان وٺي ھي سٽون لکجڻ تائين 25 قيمتي انسانيون مختلف حادثن ۾ ضايع ٿي ويون آھن. پيئڻ جي صاف پاڻي توڙي سبزيء جي کوٽ ٿي وئي آھي. مواصلات جو نظام تقريباً درھم برھم ٿي ويو آھي. جتي ان سڄي صورتحال جو ذميوار انتظاميه ۽ سرڪار کي قرار ڏنو پيو وڃي ۽ يقيناً ڏيڻ به گهرجي اتي ٿورو سنجيدگيء سان سوچ ويچار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آھي ته عوام پاڻ به ان صورتحال جي لاءِ سرڪار سان ڀاڱي ڀائيوار آھي. اسان جا موجودھ وڏا شھر ۽ آباديون بنان ڪنھن رٿا بنديء جي جوڙيون ويون آھن جنھن کي جتي آيو قبضو ڪيو ۽ گهر، دڪان يا ھوٽل ٺاھي ويھي رھيو، اھوئي نه پر اسان وٽ پاڻيء جي قدرتي وھڪرن ۽ گذرگاھن تي قبضا ڪيا ويا آھن، شھرن مان پاڻيء جي نيڪال جو نظام صفا ناقص نظام آھي. پاڻيء جي نيڪال وارين نالن مٿان ڪٿي قبضا ته ڪٿي وري انھن ۾ ڪچرو اڇلائڻ سبب بند ٿيل آھن. پلاسٽڪ ۽ پولي ايٿين جي وڏي مقدار ۾ استعمال توڙي ان جي نيڪال ۾ غيرذميواري جو مظاھرو ھنن ڏينھن ۾ اسان جي لاءِ وبال بڻجي وڃي ٿو.
اسان کي ھيمشه اھو فڪر ته رھي ٿو ته اسان جي گهر ۾ موجود گند ڪچرو ۽ گندو پاڻي گهر کان ٻاھر نڪري، پر ٻاھر نڪري ڪھڙي طرف وڃي ان جي ڪا به پرواھ ناھي. عوام جي سڀ کان وڏي ۽ اھم ڪوتاھي توڙي ذميواري مسلسل ساڳيا نمائندھ چونڊڻ پڻ آھي شايد ان جي ئي سزا اڄ عوام پاڻ ڀوڳي رھيو آھي. انتظاميه توڙي سرڪار کي کان پھريان اسان کي پنھنجي اندر ۾ به لازمي جهاتي پائڻ گهرجي

Leave A Reply

Your email address will not be published.