6 سالن جي يوٽيوبر اربين روپين جي ماليت جو گهر خريد ڪري ورتو

يوٽيب تي ڪروڙين مداح رکندڙ ڇهين ورهين جي ڏکڻ ڪوريائي يوٽيوب اسٽار اربين روپين جي ماليت جو گهر وٺي ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب ڇهن ورهين جي بورم جي يوٽيوب تي ٻه چينلز آهن جن جا گڏيل طور تي ٽي ڪروڙ سبسڪرائبرز آهن، نينگري ملڪ جي گادي واري هنڌ سيئول ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ پنجن منزلن وارو گهر خريد ڪيو آهي. ان کان اڳ نينگري شهر جي پوش علائقي گنگم ۾ پنجن منزلن واري ملڪ خريد ڪئي هئي.

بورم جي هڪ مشهور وڊيو ۾ هوءَ پلاسٽڪ جي رانديڪن وسيلي نوڊلز کائي رهي آهي، ان وڊيو کي 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو.

بورم جون ڪجهه وڊيوز تڪرار جو پڻ شڪار رهيون، هڪ وڊيو ۾ کيس والد جي پرس مان پئسا چورائيندي ڏيکاريو ويو جڏهن ته هڪ ٻئي ۾ هوءَ گاڏي هلائڻ جي نقل ڪري رهي آهي. انهن وڊيوز تي سوشل ميڊيا تي تنقيد کانپوءِ اختيارين بورم جي والدين کي ٻارن بابت ڪانسلنگ ڪورس وٺڻ جي هدايت ڪئي

Leave A Reply

Your email address will not be published.