جنهن آمريڪا کان جان ڇڏائڻ چاهيون پيا ان جي غلامي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي

ڪوئيٽا (ڌيان طلب) ڇنڇر 27 جولاءِ 2019ع: جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جنهن آمريڪا کان جان ڇڏائڻ چاهيون پيا ان جي غلامي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، حڪومت آمريڪي جي غلامي جي دوري کي ڪامياب سمجهي رهي آهي.

ڪوئيٽا ۾ خابرو ذريعن جي نمائندن سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي مسئلن کي سياست ۾ استعمال ڪيو پيو ُڃي، چيو پيو وڃي ته ديني مدرسن جي شاگردن کي جلسي ۾ آندل ديني مدرسن جا شاگرد به ووٽ جو حص رکن ٿا، ديني مدرسن ۾ شاگرد پڻ پاڪستان جا شهري آهن.

هن چيو ته اسان اها ڳالهه ڪريون ٿا ته جيڪو ملڪ جو آئين چوي ٿو، اسان پاڪستان جي خودمختياري ۽ حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ اسان پاڪستاني آئين جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان پاڪستاني آئين جو  تحفظ هر حال ڪرڻو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جعلي حڪومت کي ان جي انجام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا، اسان جي جلسي ۾ لکين ماڻهو آيا ۽ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، امن کي تباهه ڪندڙ حالتن جا پاڻ ذميوار آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.