ڪوٽ غلام محمد – ايمبولينس نه ملڻ تي معصوم تڙپي تڙپي فوت

 ايمبولينس نه ملڻ تي معصوم تڙپي تڙپي فوت

ڪوٽ ميرس-  ڪوٽ غلام محمد لڳ واگهريجي جي ڳوٺ گل حسن لغاري واسي غريب پورهيت شوجي ڪولهي جو معصوم پٽ 7 ورهين جو ڏيارام ڪولهي جيڪو گذريل ڪجهه عرصي کان پُراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي زندگي موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هو.جنهن بابت سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ تي پ پ جي صوبائي وزير هريرام ڪشوري لعل نوٽس وٺي نينگر جي علاج لاء 10 هزار روپيا موڪلي نينگر کي بهتر علاج لاء ڪراچي کڻائي اچڻ جو چيو جنهن بعد اهڙو اطلاع نينگر جي وارثن کي ڏنو ويو ته صوبائي وزير نينگر جو علاج ڪرايڻ لاءِ ڪراچي گهرايو آهي،جنهن بعد نينگر جو غريب پي شوجي ڪولهي ۽ سندس زال پنهنجي پُراسرار بيماري ۾ مبتلا نينگر ڏيارام ڪولهي کڻي پي پي ايچ آئي سينٽر ڪوٽ ميرس لانڊي پهتا ،جتي سماجي اڳواڻ دودو خاصخيلي پاران پي پي ايچ آئي سينٽر ڪوٽ ميرس جي انتظاميا کي ايمبولينس ڏيڻ جو چيو جنهن بعد پي پي ايچ آئي انتظاميا چار ڪلاڪ آسرا ڏيندا رهيا ته ايمبوليسن اچي ٿي ،انهي دوران نينگر جي حالت خراب ٿي وئي ۽ رستي ويٺل سندس ماوُ جي هنج ۾ پنهنجا آخري پساه پورا ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو،پر پي پي ايچ آئي جي انتظاميا کي نينگر جي غريب بي پهچ ڳوٺاڻن تي رحم نه آيو ۽ نه ئي وري ايمبولينس آئي،نينگر جي فوت ٿيڻ تي نينگر جا ماوُ پي روڊ تي روئندا پٽيندا رهيا،۽ نينگر جو مڙه کڻي چنگچي رڪشا ۾ سندس ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا،

Leave A Reply

Your email address will not be published.