” طيفا ان ٽربل “ کي چيڪي چن ايڪشن فلم فيسٽيول ۾ بهترين ايڪشن فلم لاءِ نامزد

” طيفا ان ٽربل “ کي چيڪي چن ايڪشن فلم فيسٽيول ۾ بهترين ايڪشن فلم لاءِ نامزد

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) گذريل سال ريليز ٿيندڙ علي ظفر جي ايڪشن ڪاميڊي فلم ” طيفا ان ٽربل “ کي چيڪي چن ايڪشن فلم فيسٽيول ۾ بهترين ايڪشن فلم لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

نامياري راڳي ۽ اداڪار علي ظفر جي ڪامياب فلم طيفا ان ٽربل کي چين جي صوبي شانشي ۾ منعقد ٿيندڙ پنجين جيڪي چن انٽرنيشنل ايڪشن فلم فيسٽيول ۾ بهترين ايڪشن فلم لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

طيفا ان ٽربل جي مک ڪردار علي ظفر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مداحن کي آگاهه ڪيو ته هو جيڪي چن ايڪشن فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ چين ۾ موجود آهي.

علي ظفر لکيو ته فيسٽيول ۾ نه رڳو سندس فلم بهترين فلم لاءِ نامزد آهي پر فلم جي هدايتڪار احسن رحيم بهترين ايڪشن هدايتڪار ۽ هو پاڻ بهترين ايڪشن هيرو لاءِ نامزد آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.