سڄي سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

سڄي سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 28 ۽ 29 جولائي تي طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مٿانهن حصن ۾ هن وقت سانوڻي جو وڏو سسٽم موجود آهي جيڪو ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ميداني علائقن جو رُخ ڪندو.

موسميات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سانوڻي جو سسٽم سڄي سنڌ ۾ برساتن جو سبب بڻجندو، سنڌ ۾ 28 ۽ 29 جولائي تي طوفاني برساتن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جي اڳڪٿي تي ميري ٽائم انفارميشن سينٽر الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

الرٽ ۾ فشريز، ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم سميت مهاڻن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو ان دوران سمنڊ جو رخ نه ڪن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.