عامر جي ريٽائرمنٽ واري فيصلي مايوس ڪيو: رميز راجا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر رميز راجا چيو آهي ته محمدعامر جي 27 ورهين عمر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿيڻ واري فيصلي مايوس ڪيو، هي وڃڻ جو نه ازالي جو وقت هو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر هڪ پيغام ۾ رميز راجا چيو ته ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي فارميٽ ٽيسٽ کي رد نه ڪرڻ گهرجي، اهو رانديگرن کي عظيم ۽ اسٽار بڻائيندو آهي

هن وڌيڪ چيو ته عامر جو فيصلو پاڪستان ڪرڪيٽ جي ضرورت موجب ناهي، ائين لڳي ٿو ته هو ٻيهر ٽيسٽ ڪرڪيٽ شروع ڪندو. اڳوڻي ڪپتان چيو ته هي وڃڻ جو نه ازالي جو وقت هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.