سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ وسڪارو، موسم خوشگوار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ صبح کان هلندڙ برسات موسم خوشگوار ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح کان ئي ڪٿي هلي ۽ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي،  برسات سبب موسم خوشگوار ٿيڻ سان ماڻهن جا مرجهايل مک ٻهڪي پيا ۽ شهرين رحمت جا ڪڪر وسڻ تي خدا جو شڪريو ادا ڪيو.

موسميات کاتي موجب صدر، ڪلفٽن، ڊيفنس، گلشنِ اقبال، ايف بي ايريا، نارٿ ڪراچي، پي اي سي ايڇ ايس سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي.  سڀ کان وڌيڪ برسات صدر جي علائقي ۾ 4 ملي ميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي .  جڏهن ته پهلوان ڳوٺ، فيصل بيس ۽ مسرور بيس تي 2 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي طرفان ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي موسم جهڙالي ۽ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

واضح رهي ته موسميات کاتي آچر کان اڱاري دوران سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف ضلعن ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن، آنڌاري ۽ گجگوڙ سان سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.