پاڪستان ۾ ٻارن ۾ موبائيل جي استعمال جا خراب نتيجا نڪرڻ لڳا آهن

 () گهٽ عمر جي ٻارن ۾ موبائيل جي استعمال جا خراب نتيجا نڪرڻ لڳا آهن. موبائيل جي وڌيڪ دير تائين استعمال سان ٻارن ۾ اکين جي مختلف بيماريون به تيزي سان وڌي رهيون آهن. خيبرپختونخوا خاص طور پشاور ۾ به 5 سال کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ موبائل استعمال ڪرڻ جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ٻهراڙي جي يٽ ۾ شهري علائقن واسين جا ٻار موبائيل جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا. ٽن سالن کان 5 سالن جي عمر تائين ٻارن ۾ موبائيل جو استعمال به تيز ٿيندو پيو وڃي ۽ انهن ٻارن ۾ اکين جون بيماريون، اکين ۾ خشڪي پيدا ٿيڻ، اکين جو سڙڻ، نظر جي ڪمزوري سان ننڍي عمر ۾ عينڪ لڳڻ وارو معاملو به ڪر کڻي رهيو آهي. ان بابت پشاور جي ٽنهي وڏين سرڪاري اسپتالن وٽان گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ماهرن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ٻارن سان زيادتي نه ڪن ۽ ٻارن کي موبائيل فون کان پري رکن. ننڍي عمر ۾ وڌيڪ دير تائين موبائيل، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ اسڪرين يا وڊيو گيمز تي نظرون کتل هجڻ سبب ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه خراب نموني اثرانداز ٿيڻ لڳي ٿي. حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال ۾ اکين جي ڊاڪٽر فضل قادر چيو ته ٻارن ۾ موبائيل جو استعمال هاڃيڪار آهي. موبائيل مان جيڪي شعاع نڪرن ٿا انهن سان اکين مان پاڻي وهڻ، دماغ جي ڪمزوري ۽ هڏين جي ڪمزوري جهڙيون موذي بيماريون ٿي سگهن ٿيون

Leave A Reply

Your email address will not be published.