نواز شريف جو صلاحڪار گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اڳوڻي خاص صلاحڪار عرفان صديقي کي ڪرايا داري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رات جو دير سان عرفان صديقي کي ڪرايا داري ايڪٽ جي ڀڃڻ ڪرڻ تي گرفتار ڪري اسلام آباد جي ٿاڻي رمنا منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عرفان صديقي گهر ڪرائي تي ڏئي رکيو هو، هُن ڪراياداري تي عملدرآمد نه ڪيو ۽ نه ئي پوليس اسٽيشن ۾ ان بابت ٻڌايو. ان کانسواءِ عرفان صديقي سان گڏ اقبال نالي شخص کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب عرفان صديقي کي گرفتار ڪري سيڪشن 188 جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته مذڪوره سيڪشن قابل ضمانت آهي جڏهن ته ان جي ضمانت عمومي طور تي اسسٽنٽ ڪمشنر ئي وٺندو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.