لڳي ٿو ته ڪنهن ملڪ جي دوري نه پر ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهيان: وزيراعظم عمران خان

لڳي ٿو ته ڪنهن ملڪ جي دوري نه پر ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهيان: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون لڳي ٿو ته ڪنهن ملڪ جي دوري تان نه پر ورلڊ ڪپ کٽي آيون هجان. وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا مان ڏيهه واپسي تي اسلام آباد هوائي اڏي تي وفاقي ڪابينا ۽ ڪارڪنن سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نبي پاڪ مديني جي رياست اصولن تي قائم ڪئي، اهڙن اصولن تي عمل ڪندي اهڙي رياست قائم ڪرڻي آهي، هي واحد ملڪ هو جيڪو اسلام جي نالي تي قائم ٿيو،  مان چاهيان ٿو ته توهان سڀ اهو نه وساريو ته اسان کي هڪ عظيم قوم بڻڻو آهي.  هن چيو ته پاڪستان کي قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي خواب وارو پاڪستان بڻائڻو آهي، مان نه ڪڏهن ڪنهن سامهون جهڪيو آهيان ۽ نه مان پنهنجي قوم کي ڪنهن سامهون جهڪڻ ڏيندس. سندس چوڻ هو ته خوددار قوم ٿيڻو آهي ۽ قومون خيرات وٺي نه ٺهنديون آهن، دنيا اهڙن ماڻهن جي عزت ڪندي آهي جيڪي پنهنجي عزت ڪندا آهن، دنيا ۾ ملڪ کي اتي وٺي وڃڻو آهي جتي عزت هجي، هڪ سال اڳ قوم اقتدار ڏنو واعدو ڪيان ٿو ته ڪنهن به مايوس نه ڪندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ سال لڳو آهي ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ هاڻي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، ملڪ کي ٺيڪ ڪنداسين، ملڪ ڪڏهن به اڳتي نه وڌندو جيستائين ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب نه ڪنداسين.  هن چيو ته ملڪ مان پئسو گڏ ڪنداسين ۽ عوام تي لڳايو ويندو، دنيا کي به اهو ئي چيو آهي ته اسان جي مدد ڪريو ته جيئن ڦريل ناڻو واپس آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته الله اسان تي تمام گهڻو ڪرم ڪيو آهي رڳو ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ادارن کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان عظيم ملڪ بڻجي بيهندو، سائو پاسپورٽ کڻي ويندا ته دنيا عزت ڪندي

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.