اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ حڪومتِ پنجاب ۽ پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد پاران  سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو دورو 

اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ حڪومتِ پنجاب ۽ پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد پاران
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو دورو
ڪراچي: اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ حڪومت پنجاب ۽ پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي هڪ وفد پاران اربع 24 جولاءِ 2019ع تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومتِ سنڌ (ايس اِي ايف) هيڊ آفيس جو دورو ڪيو ويو. وفد ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، حڪومتِ پنجاب، ڪيپٽن (رٽائرڊ) محمد محمود، ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن ريفارمس، امتل قدوس، مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن ڪرنل (رٽائرڊ) محمد عمران يعقوب ۽ ڊائريڪٽر ايم اينڊ اِي- پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن ڪرنل رٽائرڊ، محمد اطهر رئوف شامل هئا.
ان موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عبدالڪبير قاضي پاران وفد کي ڀليڪار ڪيو جڏهن ته ايس ايس اِي ايف جا ٻيا آفيسرز جن ۾ ڊائريڪٽر هيومن ريسورس، نسيم الدين ميراڻي، ايڪٽنگ ڊائريڪٽر ٽريننگ اينڊ اسيسمينٽ شهپارا رضوي، ڊائريڪٽر فنانس اينڊ جنرل ايڊمن اينڊ ڪوآرڊينيشن سعيد احمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽرز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ پروگرامز جا هيڊز ان موقعي تي موجود هئا.
عبدالڪبير قاضي ايم ڊي، ايس اِي ايف پاران آيل وفد کي فائونڊيشن جي پورٽ فوليو، اداري جي فريم ورڪ، ڪم ڪار جي طريقيڪار ۽ فائونڊيشن جي ڪامياب 25 سالن جي سفر جو ذڪر پڻ ڪيو جنهن دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن جو ذڪر پڻ ڪيو جن ۾ سنڌ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ خصوصي طور تي صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم جي پهچ کي يقيني بنائڻ ۽ تعليمي سيڪٽر ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ شامل هو. ان سان گڏ هن فائونڊيشن جي گذريل ٽن سالن ۾ کنيل نون قدمن ۽ ڪيل اصلاحن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ اسڪولن منجهه داخلا کي 112 سيڪڙو تائين پهچائڻ اهو به نجي ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ مجموعي طور تي فائونڊيشن گذريل ٽن سالن ۾ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ واڌارو ڪندي 555943 شاگردن کي پنهنجي  2400 اسڪولن ۽ سکيا مرڪزن تعليم ڏياري پئي وڃي.
ايم ڊي، ايس اِي ايف وفد کي فائونڊيشن جي تمام پروگرامن، کنيل قدمن، موضوعي مداخلت ذريعي شروع ڪيل جديد تعليمي طريقيڪار جنهن ۾ انٽروڊيوسنگ، سمارٽ ٽيچنگ اينڊ لرننگ (انسٽال) جنهن ذريعي اسڪول ۾ ٽيبليٽ ۽ اينڊرائڊ بنيادن تي اِي لرننگ سوفٽ ويئر ۽ ڪمپيوٽر ليب، آڊيو وزيول ڪمرن، سولر سسٽم ۽ ايل اي ڊي کي لڳائڻ شامل آهن بابت تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته اهو فائونڊيشن جو کنيل تازو قدم آهي، جنهن ذريعي هيل تائين فائونڊيشن جي 600 اسڪولن جي 150،000 شاگرد کي ٽيڪنالوجي ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي نه فقط ايترو پر آءِ سي ٽي بنيادن تي 4500 سبجيڪٽ سان لاڳاپيل استادن کي تربيتون فراهم ڪيون ويون آهن.
ان کانسواءِ وفد کي سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اسڪالرشپ پروگرام (ايس ايس اِي ايس پي) بابت آگاهي فراهم ڪئي جنهن ۾ هيل تائين 2400 شاگرد سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ فائونڊيشن جي سهائتا ڪيل اسڪولن مان اسڪول مان چونڊيا ويا سندن چونڊ جو طريقڪيڪار، اسيسمينٽ ٽيسٽ (ايس اي ٽي) ۽ ايس اِي ايف اسيسمينٽ جيڪا ٽين ڌر ذريعي ڪرائي ويندي آهي تحت ٿي. اهي شاگرد پرائمري کان بعد واري تعليم لاءِ چونڊيا ويا. انهن شاگردن کي نامياري سرڪاري ادارن جهڙوڪ ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم (ابراهيم ڪئمپس اسلام آباد)، پبلڪ اسڪول گڊاپ، اين جي وي هائر سيڪنڊري اسڪول، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ ميرپورخاص، ڪميونٽي ڪاليج اينڊ پبلڪ اسڪول جن کي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر  ۾ سنڌ ايسول ايجوڪيشن اسڪالرشپ پروگرام تحت 6 هين درجي کان 12هين درجي تائين پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.
ان کانسواءِ وفد کي فائونڊيشن جي نان فارمل ايجوڪيشن پروگرام جنهن کي ايڊوليسينٽ اينڊ ايڊلٽ لرننگ اينڊ ٽريننگ پروگرام (اي اي ايل ٽي پي) ڪري سڏيو وڃي ٿوبابت آگاهي فراهم ڪندي ٻڌايو ويوته اهڙن نوجوانن کي جن جي عمر 10 کان 17 سال آهي کي ٽن سالن ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪرائي ويندي آهي جڏهن ته بالغن جن عمر 18 کان 36 سال آهي کي بنيادي فنڪشنل خواندگي ڏياري ويندي آهي. اِهي اُهي نوجوان ۽ بالغ فرد آهن جن ڪنهن به سبب ڪري بنيادي تعليم پنهنجي ابتدائي عمر ۾ نه ڪري سگهيا.انهن شاگردن کي هنري سکيا پڻ ڏني ويندي جنهن ۾ بيوٽيشن جو ڪورس، سلائي ڪڙاهي، ڪمپيوٽر جي تعليم شامل آهي. کين هنري سکيا تحت مارڪيٽ سان لهه وچڙ بابت پڻ آگاهي فراهم ڪئي ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجي هنر کي مارڪيٽ تائين پهچائي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنمب جي مالي سهائتا ۾ ساٿ ڏئي سگهن.
جڏهن ته ان موقعي ته سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ حڪومتِ پنجاب ڪيپٽن (رٽائرڊ) محمد محمود پاران سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايجوڪيشن سيڪٽر ۾ ڪيل خدمتن کي تمام گهڻو ساراهيو. آخر ۾ ايم ڊي، ايس اِي ايف پاران آيل مهمان کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ۽ آيل مهمانن کي شيلڊ پڻ ڏنيون ويون. وفد ڪراچي جي پراڻي ۽ مشهور اسڪول اين جي وي جو دورو پڻ ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.