موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن هاڻي 20 هزار 9 سئو رپين ۾ ٿيندي

موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن هاڻي 20 هزار 9 سئو رپين ۾ ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت موٽر سائيڪل ۽ رڪشي تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سنڌ جي ايڪسائز کاتي کي ٽيڪس وصولي لاءِ خط لکيو آهي، جنهن موجب ود هولڊنگ ٽيڪس لڳڻ کانپوءِ موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن ۾ 17 هزار رپين جو اضافو ٿيندو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ان وقت موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن فيس 3 هزار 4 سئو رپيا آهي ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس کانپوءِ رجسٽريشن فيس 20 هزار 9 سئو رپيا ٿي ويندي.

خط موجب ود هولڊنگ ٽيڪس کانپوءِ رڪشي جي رجسٽريشن ۾ به 7 هزار رپيا اضافو ٿي ويندو ۽ رڪشي جي رجسٽريشن 3 هزار هڪ سئو رپين مان وڌيڪ 10 هزار 750 رپيا ٿي ويندي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.