غربت سبب ماءُ هٿان زهر ڏنل چئن ٻارن مان2 فوت, مڙه مٽي ماءُ حوالي

غربت سبب ماءُ هٿان زهر ڏنل چئن ٻارن مان2 فوت, مٽي ماءُ حوالي،

زهر کاڌل عورت ۽ سندس ٻن ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي آهي.
ڳوٺ محرم لغاري ۾  عورت نجمه لغاري چئن معذور ٻارن کي زهر پيئارڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏي هو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 سالن جي ٻارڙي اُجالا ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 14 سالن جي ريحان نواب شاهه اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. عورت نجمه، سندس ٻن ڌيئرن 5 سالن جي انيلا ۽ امبر اسپتال ۾ داخل آهن، جتي ڊاڪٽرز طبي امداد ڏيڻ بعد سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي آهي.
زهر ڏيڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙي اُجالا ۽ نينگر ريحان لغاري جا مڙهه ڳوٺ محرم لغاري ۾ جنازي نماز بعد دفنايا ويا، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر پکڙيل آهي. غربت جي ڄار ۾ ڦاٿل عورت جا چارئي ٻار معذور هئا، اُهي هلڻ ڦرڻ کان لاچار هئا ۽ ڳالهائي به نه سگهندا هئا. عورت نجمه جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڊگهي عرصي کان غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا، عورت جو مڙس ڪراچي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندو هو، پوءِ به سندن گهر جو خرچ نه هلندو هو، مٿان وري چئني ٻارن جي معذوري عورت کي ذهني طور ڪيترين ئي پريشانين ۾ وڪوڙي ڇڏيو. اُن ڪري عورت اهڙو انتهائي قدم کنيوآهي. واضح رهي ته سنجهور ۾ هنيانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش اچڻ باوجود نه ته مقامي انتظاميا متاثر ڪُٽنب ڏانهن لڙي وئي آهي ۽ نه ئي وري تر جي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار جي ڪنهن ماڻهو سندن سار لڌي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.