مسڪين جھان خان کوسو :سنڌ جا عوامي ڪردار

مسڪين جھان خان کوسو :سنڌ جا عوامي ڪردار

 دادا سنڌي

ٿر، سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، ادب ۽ ثقافت جي سرزمين آھي. ھيءَ محبتن جي داستانن، شجاعت جي ڪارنامن ۽ عشقيه افسانن جو اھو مرڪز آھي، جنھن کي پنھنجو ڌار ثقافتي ورثو آھي. سنڌ جي 55 لوڪ گيتن مان، 45 لوڪ گيت ٿر سان وابسته آھن. ٿر، واريءَ جو وطن آھي. ڀِٽن ۽ ڍٽن جو ڏيھ آھي. پر جڏھن بادل وسندا آھن، تر ترايون ڀرجي وينديون آھن، ته چوڌاري گاھن جي گلزاري لڳي ويندي آھي. سنگھار سکيا ۽ ستابا ٿي ويندا آھن، ان وقت ٿر ڪشمير جو ڏيک ڏيندو آھي. مارو ۽ مالوندن جي منھن تي، مُرڪ ھوندي آھي. ان سَمي، ٿر تي، جيڪو مارئيءَ جو ملڪ آھي، مائي ڀاڳيءَ جو ديس آھي، ڪو عمر، ڪو مدد خان، ڪو نادر شاھ ڪٽڪ ڪاھي ايندو آھي ته، پوءِ مسڪين جھان خان کوسي جھڙا جوان ميدان ۾ ايندا آھن، جيڪي سواءِ ڪنھن غرض، لالچ ۽ طمع جي ھر مظلوم جي مدد ڪرڻ، پنھنجو فرض سمجھندا آھن. مسڪين جھان خان، پنھنجي ساري زندگي، ٿر ۽ ٿرين لاءِ وقف ڪئي. ھو ٿر لاءِ جيئرو رھيو ۽ ٿر لاءِ مُئو. سنڌ جي واريءَ واري ملڪ ۾، جتي برسات نه پوڻ ڪري، رڳي رُڃ ۽ سُڃ ھوندي آھي، ڪوھين وسندي نظر نه ايندي آھي، اتي مسڪين جي دل ۾، نيڪي ۽ انساني ھمدردي اچي گھر جوڙيو. ھن جون اکيون ماروئڙن جي حالت ڏسي، آليون ٿيون. ھن ذات پات جا ويڇا وساري، بنا ڪنھن انعام، شھرت، لالچ ۽ اجوري جي، ھڪ نه، ٻه نه، پر زندگيءَ جا سمورا سال، انھن جي حوالي ڪري ڇڏيا. ھو ھڪ گھڙي به واندو نه ويٺو، پر اوريندو رھيو. مولا جي مخلوق جي خدمت ڪندو رھيو. ھو ھڪ بي لوث انسان ھو. جاھ طلبي ۽ ڪوڙي اڊمبر کان ڪوھين ڏور ھو. کيس ٿر ۽ ٿرين جي محبت ٻالجتيءَ کان ملي ھئي. غريب، انگ اگھاڙا، ڏُڪر جا ماريل، صدمن جا ستايل ٿري، جيڪي جنسي بک جا ماريل نظر ايندا، سي مسڪين لاءِ “جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا” وانگر ساھ کان وڌ پيارا ھوندا. انھن جون تڪليفون ڏسي مسڪين جا لِڱ ڪانڊارجي ويندا ۽ ھو پوءِ اٿندو، ڏوريندو ۽ ڊوڙندو ٿر ۽ ٿرين لاءِ ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو. چوندا آھن ته “وُٺو ته ٿر، نه ته بَر جو بَر” ۽ جڏھن ٿر، بَر ٿيندو آھي ۽ بُک ۽ ڏُڪر جا ولر، ماروئڙن کي موت جي ننڊ ڏيندا آھن، تڏھن مسڪين ٿرين کي وٺي اچي، آفيسرن سان ملائيندو، ٿرين لاءِ امداد وٺندو، دوائون، ڪپڙو ۽ اناج ھٿ ڪري حقدارن تائين پھچائيندو، ۽ پوءِ ايڏو خوش ٿيندو، ڄڻ ته کيس قارون جو خزانو ملي ويو.

دراصل انسان جي سڃاڻ آھي، انسان دوستي ۽ پاڻ جھڙن سان پيار ڪرڻ. پنھنجي لاءِ ته ھر ڪو جيئي، پر ٻين لاءِ به ته جيءَ ڏيکاري. مسڪين پاڻ ماري به ٻين لاءِ زندھ رھيو. نه آرام، نه آسائش، نه سڪون نه ننڊ. بس اٺئي پھر، ٿرين جا ولر پٺيان لايو وتندو، انھن جي سک لاءِ ڪامورن ڪڙن سان ملندو. ھڪ ڀيري گھر جي ڪنھن مائيءَ کيس چيو ته “ڪپڙا ڏي ته ڌوئي ڏيانءِ” ته چوڻ لڳو “آءٌ ڪپڙن ڌئارڻ ۽ وھنجڻ لاءِ، گھر ۾ ويھي رھان ته منھنجا مسڪين ٿريا، ميرپور ۾ رُلي مرندا.” ڪيڏو نه خدمتِ خلق جو جذبو آھي! ڪيڏو نه بلند ڪردار آھي! ڪيڏو نه عظيم خيال آھي، جو پنھنجو آرام ڦٽائي، ٻين کي سُک ڏئي ٿو. ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي، ته حيدرآباد ۾ ھڪ ٻه ماڙ جاءِ ڪري پيئي، رات جو وڳڙو ھو، ھر ڪو ننڊ ۾، ماڻھن جون دانھون ڪوڪون ڪير سڻي؟ اوچتو مسڪين کي ڪَن تي آواز پيو، جيڪو ڀرسان ستل ھو. امالڪ ڊوڙي آيو. ڪرندڙ جاءِ ۾ گھڙي پيو. سِر تريءَ تي رکي، زخمي ماڻھن کي سھارو ڏيئي، ٻاھر ڪڍي آيو ۽ پوءِ پاڙي مان، تغاري ۽ ڪوڏر کڻي، اچي مٽي ڍوئڻ بيٺو. اھڙي طرح، لاڳيتو رات ڏينھن، سخت سردي به، سواءِ ڪنھن اجوري جي ڪم ڪندو رھيو. مٽي کڻندو رھيو، صرف انسان دوستي جي جذبي ھيٺ ۽ مخلوق خدا جي  خدمت جي شوق ۾.

          مسڪين سدائين، انھيءَ سوچ ۾ ھوندو ھو ته ماڻھن ۾ ماڻھپو رھي. پيار ۽ سِڪ ھجي. نفرت ۽ ڪدورت نه ھجي. “آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو” واري ڪار نه ھجي. ان ڪري ھو سدائين، ٻه وڙھيل گھر پاڻ ۾ ٺاھيندو ۽ رٺلن کي پرچائيندو ھو. ھو سفارش ۽ رشوت کان بنھ پري ھو. ٿاڻو ھجي يا ڪورٽ، وڏيري جي اوطاق ھجي يا زميندار جي ٻني، پر مسڪين، ڪولھين کي ساڻ ڪيو، سندن حق وٺڻ لاءِ جتي ڪٿي حاضر- کڻي ڪيڏو به جبرو ڪامورو ڇونه ھجي، پر ھو وٽس ويندو ضرور، ڪم ڪرائڻ کان سواءِ، اُٿڻ ته مسڪين جي ڊائري ۾ ئي ڪونه ھو. ھن پنھنجو گھر تڙ ته ڪونه ٺاھيو ۽ نه وري کيس ايتري واندڪائي به ھئي. بس، سندس اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ جيئن، غريب، مسڪين ۽ مظلوم ماڻھن سان. ھن پنھنجي ذات کي ته صفا ماري ڇڏيو. ھو ٻين لاءِ زندھ رھيو. ايتري تائين جو، پنھنجي وات جو گرھ به ٻين کي ڪڍي کارائيندو ھو. ٿر جو ڏتڙيل ۽ پيڙھيل عوام، ڪولھي، ڀيل ۽ مينگھواڙ آھن. مسڪين سندن خدمت مذھبي مت ڀيد کان ھٽي ڪري ڪئي. ھو چوندو ھو ته “مسڪين ھميشہ، سندن مدد ھر ظلم ۾ ڪندو رھندو، ان لاءِ کيس ڪيڏي به قرباني ڇونه ڪرڻي پوي.” ھو چوندو ھو ته “اڇوتن جي خدمت، مسڪين انسانيت جي اعليٰ جذبي ۽ اصول تحت ڪري ٿو، جنھن ۾ ڪنھن به غرض يا مطلب جو دخل ڪونھي.” ھڪ دفعي سندس سڳي ڀاءُ، ڪنھن ڪولھيءَ سان ٺڳي ڪري، پئسا ڦريا. مسڪين پاڻ پنھنجي ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪري، جيل ۾ وجھرائي، ڪولھيءَ کي پئسا واپس وٺي ڏنا. ٻئي دفعي جي ڳالھ آھي ته، سخت سرديءَ ۾، مسڪين کي ڪنھن ويجھي عزيز گرم ڪوٽ وٺي ڏنو. ٻئي ڏينھن ھن اھو ڪوٽ ڪنھن غريب ڪولھي کي ڏيئي ڇڏيو. ھڪ ڏينھن مسڪين کي ڪنھن اُٺ ڀاڙي ڪري ڏنو. واٽ تي ڏٺائين ته ھڪ پوڙھو ڪولھي، پيادل پيو وڃي. بس ھو لھي پيو. کيس اٺ تي سوار ڪري، پاڻ مھار وٺي، پيادل ھلڻ لڳو. ھن ڪولھين کي زندھ رھڻ جا گُر سيکاريا. انھن ۾ احساس بالاتري پئدا ڪيو. منجھن سياسي سجاڳي ۽ سماجي شعور پئدا ڪري کين ڪائونسلن ۾ ميمبر ۽ چيئرمين ڪرائي، وڏن وڏن جاگيردارن جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا.

          مسڪين، ٿرين لاءِ ايڏيون ته خدمتون انجام ڏنيون جو، ٿر جي تاريخ ۾ اھي ياد رھنديون. ھن کي ٿرين سان مارئيءَ واري محبت ھئي ۽ ھن اھا پڇاڙيءَ تائين نباھي. مسڪين جي ھن عوامي خدمت، کيس اھو مقام ڏياريو، جو ھو ٿرين جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو ۽ اڄ، ھڪ عوامي ڪردار جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.