سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي داخلا مھم جو آغاز عمرڪوٽ کان شروع, صوبائي وزير جي اڳواڻي ۾ ريلي, سوين استاد, شاگرد ۽ والدين ريلي ۾ شريڪ

عمرڪوٽ(ڌيان طلب) تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي داخلا مھم جو آغاز عمرڪوٽ کان شروع, صوبائي وزير جي اڳواڻي ۾ ريلي, سوين استاد, شاگرد ۽ والدين ريلي ۾ شريڪ. خبر موجب تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي داخلا ڪرڻ جي مھم جي شروعات سندس اباڻي ضلعي ۾ عمرڪوٽ ۾ ڪري ڇڏي آھي, ان سلسلي ۾ ڪالھ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ آفيس کان صوبائي وزير جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ يونيسيف سنڌ چيف ڪرٽينا بروگيولو, سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز, ڊاڪٽر نور علي شاھ سميت سوين استاد, شاگرد ۽ والدين شامل هئا, ريلي گورنمنٽ مسلم اسڪول ۾ پهتي جتي صوبائي وزير هڪ شاگرد کي اسڪول ۾ داخل ڪري مھم جو آغاز ڪيو بعد ۾ عمرڪوٽ تعليم کاتي پاران انڊس شادي حال ۾ سيمينار منقد ڪيو ويو جنھن سياسي, سماجي ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف اسڪولن جي شاگردن تعليم بابت ٽيبلو پيش ڪيا. سيمينار کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ چيو ته سنڌ جي تعليم جي بھتري لاء ڪير سوچڻ لاء تيار ناهي, ماسترن جا ٻار پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙھن ٿا, جيڪو ماستر اسڪول نه ويندو اهو ڪنھن به صورت ۾ اسان جو دوست نٿو ٿي سگھي مونکي خوش آمد نٿي کپي مونکي رزلٽ کپي ٿي ماستر اسڪول سنڀالين. هن چيو ته اڄ به ڪيترائي معصوم ٻار روڊن تي پِني رهيا آهن، اسان جو انهن ٻارن لاءِ ڪهڙو ڪردار آهي ڪڏهن ڪنهن غريب جي ٻار کي اسڪول ۾ داخل نه ڪرايو آهي اخبار ۾ روز خبر اچي ٿي ته سنڌ جي تعليم تباهه آهي، تعليمي تباهي جا سڀ ذميوار آهيون ڪير به سرڪاري اسڪول جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته داخلا مهم جي شروعات ڪئي آهي هاڻ هر آفيسر کان حساب وٺندس ته ان ڪيترا ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرايا آھن. جيڪو استاد نه پڙهائڻ وارو آهي اُهو گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ۽ گوسڙو ماستر به ٻڌي ڇڏن ته گوسڙو ماسترن جي هاڻ ڪابه جاءِ ڪونهي. هن چيو ته مونکي ڪنهن به اليڪشن دوران ائين نه چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول آھي ڪو اوهان ڪاميابي بعد ڏجو پر مونکي تعليم بابت سوچڻو آھي. ضلعي جو هر آفيسر پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سي ڏي ته تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي، جنهن به پنهنجي ٻار کي اسڪول ۾ داخل نه ڪرايو اُهو سندس پنهنجي اولاد جو دشمن آهي. ڊائريڪٽر ۽ آفيسر ننڍ ۾ سُتل آهن ان ڪري اسان به ننڍ ۾ سُتل آهيون، استادي تنظيمن جا استاد پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪراين ٿا، اُهي ڪهڙا ٻين جي ٻارن کي پڙهائيندا. هن چيو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي ڀرتي ڪيو ويندو. جيڪو استاد بهتر پڙهائيندو ان کي ايوارڊ ڏينداسين. آفيسر استادن تي سختي ڪن ته هو ڇا جو پگهار کڻن ٿا. مون پنهنجي نياڻي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. استادي تنظيمن جا اڳواڻ وري منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي لکن ٿا. قابليت ۽ ٽيسٽ جي ڳالهه ڪيون ته مظاهرا ٿين ٿا. بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ماستر ۽ آفيسر پنهنجي علائقي ۾ ڀرپور داخلا مهم هلائين، تعليم توهانجي نسلن جو مستقبل آهي. هر ماڻهو تعليم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هڪ ڪمري جي اسڪول کي ختم ڪري، ڇهه ڪمرن وارا اسڪول ٺاهيا پيا وڃن. جلد سنڌ ۾ ڏهه کان وڌيڪ ڪاليج ٺاهيا ويندا. IBA ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن کي جلد آفر آرڊر ڏنا ويندا. سنڌ ۾ پهرين 10 هزار اسڪول بند هئا. هاڻ اسان 6500 استاد مقرر ڪري رهيا آهيون. تقريب کي سيڪريٽري ايجوڪيشن قاضي شاهد پرويز ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو چئرمين ڊاڪٽر نور علي شاهه ڊي سي عمرڪوٽ نديم رحمان ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.